طفيل مگسي
جيڪڏهن ايڪويهين صدي ۾ به انسانيت کي ماپڻ جو معيار رت جي قيمت آهي ته پوء هن وقت غزه زمين جو سڀ کان سستو ٽڪرو بڻجي ويو آهي۔بينامين نيتن ياهو هڪ جهموري رياست جي اوٽ ۾ اصل ۾ هڪ وحشي فوجي ذهنيت جو مالڪ آهي۔جيڪو لاشن جي ڍير تي بيهي ڪري ووٽ ميڙي ٿو۔آڪٽومبر 2023کان مئي 2025 تائين جاري اسرائيلي جارحيت غزه کي کنڊر نه هڪ گڏيل قبر ۾ تبديل ڪري چڏيو آهي۔اقوام متحده۔يونيسيف ۽ عالمي ادارن جي رپورٽس جي مطابق پنجاه هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن۔جن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارڙن جي آهي صاف پاڻي اڻلڀ۔اسپتالون زمين ۾ دٻيل ۔خوراڪ جي کوٽان قدر شديد آهي ته بک هينئر اسان کان به وڌيڪ سفاڪ هٿيار بڻجي چڪي آهي۔دلچسپ ۽ دردناڪ ٽڪراء اهو آهي ته مغرب جيڪو يوڪرين ۾ هر گولي تي روڄ راڙو ڪري ٿو يا منهن مٿو پٽي ٿو۔جڏهن ته غزه ۾ ٻارڙن جا سڙيل منهن مهانڊا ڏسي”ڳوڙهي ڳڻتي“ جو اظهار ڪري ٿو۔اهائي اهڙي منافقت آهي بيڪا نيتن ياهو جهڙن درندن کي وڌيڪ نڊر بڻائي ٿي۔اسرائيلي سياست ۾ اليڪشن کان اڳ رت جي بدبوء اچڻ معمول بڻجي چڪي آهي۔نيتن ياهو ڄاڻي ٿو ته فلسطيني لاش هن جي لاء آڪسيجن آهن۔اهو فقط اسرائيلي ظلم جو قصو ناهي بلڪ عالمي ضمير جي مردانگي جوداستان آهي۔اهو اهڙو مقام آهي جتي انساني حق صرف جغرافيائي ۽ نسلي اوليت جو نالو بڻجي چڪا آهن۔غزه جا ٻار جيڪڏهن يورپ ۾ جنم وٺن ها ته شايد انهن جي ڳوڙهن جي وڏي قيمت هجي ها۔فلسطينين جي مزاحمت چاهي فوجي هجي يا علامتي۔چا واقعي ايتري مذمت جي لائق آهي جيترو ان کي دنيا ڏيکاري پئي؟جڏهن هڪ قوم کي گڏيل سزا ڏني وڃي۔ان جي سڃاڻپ ۔زمين۔تاريخ۔ٻولي ۽ نسل پرستي تي سوال کنيو وڃي ته هو خاموش نه رهندو ته چا هو دهشتگرد سڏبو؟نيتن ياهو هڪ فرد نه هڪ نظريو آهي۔اهو نظريو جيڪو ظلم کي سلامتي۔قبضي کي پنهنجو دفاع ۽ نسل ڪشي کي قومي مفاد جو ويس ڍڪي دنيا جي سمهاري چڏي ٿو۔حقيقت ۾ اهڙو نظريو نه صرف اسرائيل بلڪ هر انهيء طاقتور قوم ۾ زنده آهي۔جيڪا ڪمزور کي مٽائي ڪري پنهنجي عظمت جو جهنڊو بلند ڪرڻ چاهي ٿي۔غزه اسان زڀني جي لاء هڪ آئينو آهي۔اسان يا ته ان ۾ پنهنجو چهرو ڏسي شرمسار ٿي سگهون ٿا يا پوء نيتن ياهو جيان جلاد بڻجي پاڻ کي فاتح سمجهي سگهون ٿا۔۽ جيڪڏهن اسان اڄ خاموش رهياسين ته سڀاڻي جڏهن اسان جي ٻارڙن جون رڙيون ” ردعمل “سڏبيون۔تڏهن اسان کي پچتائڻ جو به حق نه هوندو۔










