منهنجو ڪٽنب نٿو چاهي ته مان اداڪاري ڪريان

منهنجو ڪٽنب نٿو چاهي ته مان اداڪاري ڪريان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستاني اداڪاره غني علي پنهنجي اداڪاري ڇڏڻ جي خبرن تي ڳالهائيندي هڪ انٽرويو ۾ شوبز انڊسٽري ۽ پنهنجي اداڪاري ڪيريئر بابت ڳالهايو، اداڪاره چيو ته جڏهن مان رمضان ۾ اعتڪاف ۾ هيس، منهنجي ڀاءُ موقعو ڏٺو ۽ سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪئي ته مان شوبز انڊسٽري ڇڏي رهي آهيان، سچ اهو آهي ته نه ته منهنجو مڙس ۽ نه ئي منهنجو خاندان چاهي ٿو ته مان اداڪاري ڪريان.هن چيو ته اداڪاري منهنجو جنون آهي ۽ منهنجو خاندان مون کي پيار جي ڪري اهو ڪم ڪرڻ ڏئي رهيو آهي.فلمن ۾ ڪم ڪرڻ بابت پڇڻ تي غني علي چيو ته مان هڪ شادي شده عورت آهيان، تنهن ڪري جيڪڏهن مون کي حدن ۾ رهي سٺو ڪردار ملندو ته مان اهو ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو