رياض ابڙو
يهودين جو مقصد رڳو گريٽر اسرائيل آهي ٻيو ڪجھ به نه، 1967 کان وٺي مسلسل هي اسرائيلي دنيا ڀر جي يهودين جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن، اهي دنيا جا يهودي جيڪي اڃان تائين يورپ جي اولھ ۽ اوڀر وارن حصن ۾ رهن ٿا، ۽ جيڪي يهودي روس ۽ آسٽريليا سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رهن ٿا، انهن جي لاءِ سيهوني تنظيمون ”عاليه“ نالي هڪ اهڙي تحريڪ هلائيندا رهن ٿا، جنهن ۾ اهي دنيا جي يهودين کي سڏين ٿا ڏين ته ”اچو اوڀر طرف اچو ۽ نيبن جي ڌرتي تي واپس اچو، ڌرتي توهان کي سڏي ٿي، اتي اچي دنيا ۾ يهودين جو وڏي ۾ وڏو ملڪ ٺاهيو“ ڇو ته هن دور ۾ ڪمزور ترين مسلمانن سان وڙهڻ آسان آهي، بجاءِ جو اهي ڪنهن عيسائي ملڪ سان وڙهن، جيڪي ڪنهن دور ۾ يهودين جا پنهنجا ملڪ هيا، پر انهن سان سينو ساهڻ يهودين جي لاءِ آسان ناهي، اهي رڳو مسلمان جا جاني دشمن آهن ۽ اهي زيونسٽ ۽ سيهوني (يهود ۽ نصارا) پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا سڄڻ آهن. تاريخ ۾ (خاص هٽلر جي دور کانپوءِ ۽ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ) اهي پاڻ ۾ ڪڏهن به ڪنهن به ڳالھ تي نه اٽڪيا آهن ۽ نه ئي پاڻ ۾ وڙهيا آهن، اها ٻي ڳالھ آهي ته روس يوڪرين تان پوئتي نه ٿيندو ۽ چين تائيوان تان پوئتي هڪ انچ به پير نه هٽائيندو. حماس، حزب الله، انصارالله ۽ هوثي جي حملن ۾ جيڪي به اسرائيلي مرن ٿا انهن جا انگ اکر ظاهر نه ٿا ڪن (يا نه ٿا ڪيا وڃن) يهودين جي 70 لک آبادي ۾ گهٽ ۾ گھٽ ۾ 50 هزار فوجي ۽ عام شهري مري ويا آهن ۽ ڪجھ فوجي ته گم ٿي ويا اٿن، جيڪي ڪنهن صورت جنگ نه ٿا چاهن، ان ڪري صيهوني ۽ زيونسٽ ڌريون اهي انگ اکر ظاهر ڪرڻ نه ٿيون چاهن، ان ڪري جو اهي نفسياتي برتري رکڻ ٿا چاهن ته جيئن دنيا اهو سمجهي ته اسرائيلي فوجي نه ٿا مرن. عالمي عدالت رياستن جي وچ ۾ غيرقانوني ۽ غيرانساني روين جي ڪري فيصلا ڏيندي رهندي آهي ۽ هي ٻيو دفعو هيو ته 2004 ۾ انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس جي فيصلو ڪيو ته ويسٽ بئنڪ ۾ اسرائيل جي ٺاهيل ديوار فلسطيني خاندانن کي جدا ڪري ٿي، ۽ اها غيرقانوني آهي ۽ ان کي ختم ڪيو وڃي. اسرائيل انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس جي فيصلن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ ديوار کي وڌايو ويو ۽ اسرائيلي فورسز فلسطينين کي دروازي تي گڏ ٿيڻ کان روڪيو ويو، ان ٻڌڻي ۾ ڪئناڊا مخالفت ۾ ووٽ ڪيو، جڏهن ته سوئٽزرلينڊ ووٽ ڪرڻ کان پاسو ڪيو. فلسطيني رياست جي نمائندگي ڪندڙ قانوني عرب رياستن جي ليگ اسلامي تعاون جي تنظيم ۽ آفريقي يونين انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس ۾ ڪيس داخل ڪيو، جيڪو ڏکڻ آفريڪا جي انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس جي ڪيس کان مختلف هيو، پر اسرائيل جي خلاف هيو؟ اهو ڪيس ڏکڻ آفريڪا پاران انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس ۾ 29 ڊسمبر 2023 تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ اها ڳالھ رکي وئي هئي ته اسرائيل غزه جي پٽي تي جاري جنگ ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. ان ڪيس ۾ عدالت اسرائيل کي حڪم ڏنو ته هو نسل ڪشي کي روڪي نه ته ٻي صورت ۾ اسرائيل کي سزا ڏني ويندي ۽ 26 فيبروري 2024 تائين گهربل انساني طبي ۽ خوراڪ جي امداد فراهم ڪري. ان ڪري ته اسرائيل جيڪا غزه جي پٽي تي تي جنگ جاري رکي آهي سا بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي آهي جنهن کي روڪڻو پوندو نه ته ٻي صورت ۾ انٽرنيشنل قانونن تحت ان جنگ ۾ ملڪن جي سڌي مداخلت ٿي سگهي ٿي جيڪا هڪ ٽين عالمي مهاڀاري لڙائي ٿي پوندي، جيئن ايران هاڻي پنهنجن ايمبيسيز تي ٿيل حملن جي بدلي جي ڳالھ ڪئي، ڇو ته هاڻي حماس جهڙيون تنظيمون سامهون نه هونديون پر ملڪ هڪٻئي سان دوبدو هوندا. يو اين او جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ آمريڪا پنهنجي صهيونسٽ ۽ زيونسٽ نظريي جي خلاف ڪنهن به چيلينج کي پنهنجي روايتي ويٽو سان تبوتاش ڪندو رهيو آهي ۽ شروع کان ئي معني 1948 کان يا جڏهن کان ٻي مهاڀاري لڙائي ختم ٿي ۽ اتان کان وري سرد جنگيون شروع ٿيون ته آمريڪا جو سڌو سنئون ساٿ اسرائيل جي طرف رهندو آيو، ايستائين جو اسرائيل جي قرارداد به آمريڪا پاڻ يو اين او مان 1948 ۾ پاس ڪرائي ته جيئن اسرائيل فلسطين جي ڌرتي تي پنهنجو ملڪ اڏي سگهي. ان ڪري آمريڪي پاليسيون جن کي 1950 واري ڏهاڪي کان وٺي جمهوريتن لاءِ خطرو قرار ڏنو وڃي ٿو، سو آمريڪي اهو رويو وڌيڪ خوفناڪ شڪلن ۾ وڌي چڪو آهي، پر هنن گذريل ڪجھ ڏهاڪن ۾ آمريڪا ۽ يهودين کي هڪ لڳاتار مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جنهن جي ڪري آمريڪا جي پنهنجي اصلي سڃاڻپ هڪ ”پروٽو فاشسٽ“ رياست طور سامهون آئي آهي. جيئن جيفري ليون پنهنجي تازي ڪتاب ”اَوَرَ پلستائين ڪويسشن“ ۾ وضاحت ڪري ٿو ته اسرائيلي ۽ آمريڪي مشن معقول حد تائين ڪامياب هيو، پر 1967 ۽ 1973 وارين جنگين دوران ۽ ان کانپوءِ فوري طور تي جڏهن اسرائيل کي عرب پاڙيسرين ملڪ پنهنجي وجود لاءِ وڌندڙ خطرو محسوس ڪيو، جنهن مسلم ڪانسيپٽ وري اڪثر آمريڪي ۽ يهودين لابي کي متحد ڪري ڇڏيو. ان تنازعي ۾ فلسطين جي ايندڙ نسلن اسرائيلي توسيع پسنديءَ کي غيرضروري ۽ هڪ قاتل ۽ غاصب ڪري مڃيو ۽ ناانصافين ۽ بربريت جي ڪري ان کي هڪ ٻرندڙ مسئلو ثابت ڪيو. وري ان ظلم ۽ زيادتين کي اسرائيلين پنهنجي مٿان هولوڪاسٽ ۾ ٿيندڙ ظلم سان ڳنڍي ڇڏيو، جنهن جو ميل ميلاپ ئي نه ٿو ٿي سگهي، ان ڪري ته اهو ظلم انهن پنهنجو پاڻ تي ڪيو ۽ اسرائيلي قوتون ان دور ۾ ڏاڍيون هيون، جن اهو ثابت ڪيو هيو ته يهودي بدنسل آهن ۽ اهي نبين جي قتل ۾ به ملوث آهن، اهي نبين کي صليب به چاڙهيندا رهيا آهن ۽ جرمني جي پهرين مهاڀاري لڙائي ۽ جرمني جي تنزل ۾ يهودين جو وڏو هٿ هيو نه ته جرمني ڪڏهن به نه هارائي هان. اهو پڻ قابل ذڪر آهي ته وچ اوڀر ۾ جيوپوليٽيڪل تبديلين کان وٺي 1973 جي اوپيڪ تيل جي واپار شروع ٿيڻ تائين ۽ ”يوم ڪپور“ جي جنگ جي نتيجي ۾ عرب رياستن ترقي ۽ آمريڪي مخالف مهم جاري رهندي آئي. ان دوران جڏهن 50 سال اڳ لاهور ۾ اسلامي سربراھ ڪانفرنس لاءِ گڏ ٿيا هئا، جنهن جي ميزباني ذوالفقارعلي ڀٽو ۽ سعودي عرب جي بادشاھ فيصل ڪئي هئي، پر مارچ 1974 ۾ ان کي ختم ڪيو ويو هو. رچرڊ نڪسن (آمريڪي صدر) جو ارادو سعودي عرب، ابوظهبي ۽ ڪويت جي تيل تي قبضو ڪرڻ هيو. اهو دليل ڏئي سگهجي ٿو ته ان وقت فلسطيني قوميت جي مقصد لاءِ عربن جي وسيع حمايت گهڻو ڪري هڪ سياسي چال هئي، جنهن جو مقصد عربن جي ناراضگي کي ختم ڪرڻ هيو، ۽ ٻيو اسرائيل کي وچ اوڀر ۾ ان جي بنيادي ڍانچي جي طور تي آمريڪي تصور جي خلاف هڪ دٻاءُ واري حڪمت عملي هئي. تنهن هوندي به ظاهر آهي ته عرب قومون اڄ به صهيونزم جي زيادتين کي پوئتي ڌڪڻ لاءِ تيار ناهن. 100 سال اڳ جي نالي ماتر فرنٽ لائين عرب رياستون اڄ ٽٽي چڪيون آهن. عرب تيل جي دولت سان مالامال رياستون ذاتي مفادن جي ذريعي هلائي رهيا آهن، جن ۾ اسرائيل پنهنجي عرب امپورٽس جي لاءِ وڏو حصو ادا ڪري ٿو. متحده عرب امارات جي ”ابراھيمي معاهدن“ سان اماراتي اسرائيل سان ڳنڍجي ويا آهن، ايستائين جو ڪيترائي اماراتي روشن خيال جن اسرائيل سان کليل لاڳاپن ۾ پئسا ڪمائڻ جا موقعا ڏٺا، سي فورن ان مفاهمتي رستي تي لهي آيا آهن. ڏکڻ آفريڪا ان حوالي سان هڪ سچي ۽ زبردست قوم آهي، ان جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي جنهن جو مثال انهن جي نسل پرستي ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي بچائڻ جي لاءِ فلسطين سان اتحاد آهي. برازيل، ڪولمبيا، بوليويا ۽ چلي کان وٺي ميڪسيڪو تائين ڏکڻ آمريڪي جمهوري ملڪن جي کاٻي ڌرين صهيونسٽ جي اهڙي ظالماڻن حملن کي قبول ناهي ڪيو نه ئي انهن جي دٻاءَ ۾ آيا آهن، پر هر دور ۾ انهن جي مزاحمت ڪئي اٿن. ساڳيءَ طرح حيرت انگيز طور تي آئرلينڊ ۽ اسپين کان وٺي ناروي تائين يورپي قومن، صهيونسٽ انتهاپسنديءَ سان مغربي وابستگي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جرمنيءَ جي هڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ جي غلط رخ تي وڃڻ جي عزم کان پري بيٺل آهي. آمريڪا اسرائيل جي سڀني امدادن ۽ هٿيارن جي ترسيل کي معطل ڪندي گهٽ ۾ گهٽ فوري طور تي غزه ۾ قتل عام کي روڪي سگهي ٿو. انهي حرڪت ۾ نتنياهو حڪومت امن لاءِ بنيادي رڪاوٽ جي طور تي صرف ”هَگ واش“ آهي جنهن کي روڪي سگهجي ٿو. ڇو ته تاريخ آساني سان آمريڪا کي ان جي عرب ساٿين سان گڏ نسل ڪشي ۾ ملوث ٿيڻ کان بچائي نه سگهندي. سعودي عرب پڻ اسرائيل سان تجارتي لاڳاپن کي باضابطه هلائڻ جو وڌيڪ خواهشمند آهي پر فلسطينين جي نسل ڪشي سبب گهٽجڻ آباديءَ واري تعداد جي لاءِ ڪا به ڪوشش نه ٿو ڪري، ان جي باوجود امن جي حل يا ٻه رياستي حل لاءِ ادا ڪيل ”لپ سروس“ ڪندو ٿو رهي، جيڪا ڪنهن ڪم جي ناهي. شايد سالن جي ڪمزور جنگين کانپوءِ ڪو به عرب ۽ مسلمان ملڪ پاڻ کي موقف اختيار ڪرڻ جي قابل نه ٿو سمجهي. ان جي قيمت ڇا آهي، جيتوڻيڪ، حوثين، حماس، انصارالله ۽ حزب الله جي مزاحمت جو مظاهرو جيڪو سعودي ۽ اماراتي فوجي مهم کان گهڻو وڌيڪ آهي، پر سيهوني ۽ زيونسٽ قوتون ان رضاڪارانا جنگ کي ختم ڪرڻ جو ارادو رکن ٿيون ته پوءِ اهي اسرائيل جي مزاحمت نه ڪن.










