ڪاشف نوراني
بيشڪ اهي انسان تاريخ ۾ شاندار روايتن سان ياد ڪيا وڃن ٿا، جن ظلم، جبر، حق تلفين ۽ استحصال خلاف حق جو آواز بلند ڪيو ۽ قومي غلاميءَ خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. ۽ جياپي لاءِ جدوجهد ڪندي لکين ڪروڙين انسانن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي ايندڙ نسلن لاءِ اتساهه پيدا ڪيو. تاريخ جا ورق اٿلائڻ مان اسان کي خبر پوي ٿي ته سرمائيداراڻي نظام جي شروعات يورپ ۾ چوڏهين پندرهين صدي عيسوي ڌاري اٽليءَ کان ٿئي ٿي، سرمائيداري نظام کان اڳ پوري دنيا ۾ جاگيرداري نظام رائج هو، انساني سماج جي ارتقا جي تاريخ جيتري پراڻي آهي، ايتري ئي پراڻي تاريخ استحصال، ڦرلٽ، جبر ۽ ظلم جي آهي، مظلوم قومن ۽ طبقن جي حقن جي ڦرلٽ وحشي دور کان مهذب دور تائين مختلف شڪلين رومن ڪليساجي روپ ۾ جاگيرداري جي شڪل ۾ سرمائيداري جي شڪل ۾ ٿيندي پئي اچي جيڪا اڄ جديد دنيا ۾ پڻ جاري آهي، مظلوم ماڻهن جياپي جا جتن ڪندي پاڻ کان ڏهوڻ تي طاقتور استحصالي قوتن خلاف هر دور ۾ بغاوتون ڪيون ۽ جياپي لاءِ جدوجهد ڪندي لکين ڪروڙين انسانن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي ايندڙنسلن لاءِ نئون اتساه پيدا ڪيو.
مارڪسزم جي فڪر ۽ فلسفي اهو ٻڌايو هو ته انساني سماج ۽ تاريخ مختلف دورن ۾ مختلف نظامن مان گذري آهي ۽ پيدواري زريعن توڙي پيداواري اوزارن جيئن جيئن ترقي ڪئي آهي تيئن تيئن ابتدائي اشتراڪيت سان پهرين غلام داري دور ۽ پوءِ جاگيرداري دور آيا. هي دور سرمائيداري نظام جو آهي جيڪو اڻٽر طور سوشلزم طرف ويندو. مارڪس ان جا پڻ بنياد سمجھائيندي اهو ٻڌايو ته سرمائيداري دور ۾ محنت اجتماعي ٿي چڪي آهي تنهن ڪري ان محنت جي نتيجي ۾ ٿيندڙ پيداوار تي پڻ هر هڪ جو حق آهي. مطلب ته اها پڻ اجتماعي ٿيڻ گھرجي. سوال يا تضاد اهوئي رهيل آهي!! سرمائيداري نظام انهي موجود سرشتي کي تبديل ٿيڻ نٿو ڏي. سڄي دنيا ۾ جتي به سوشلسٽ انقلاب آيا آهن، انهن واپس سرمائيداري ڏانهن موٽ کاڌي آهي.
مارڪسزم جي عظيم استادن سوشلزم کي ڪميونزم تائين پهچڻ لاءِ پهريون ڏاڪو سمجهيو ته سوشلزم ترقي ڪري ڪميونسٽ سماج ۾ تبديل ٿي ويندو، پر تاريخ جي تجزئي اسان کي اهو ٻڌايو ته ايئن ڪٿي به نه ٿيو.سوويت انقلاب هڪ اهم ڪوشش هئي ته هي سرمائي جو نظام تبديل ڪري سگھجي ٿو. سوشلزم ڪو خيالي نظريو نه پر هڪ حقيقت آهي. عالمي سوشلسٽ تحريڪ جو هي هڪ ننڍو ۽ اهم قدم هو جنهن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته طبقاتي نظام ۽ ان جي هر صورت کي ڊاهي سگھجي ٿو. ايتري تائين جو هڪ صحيح انساني معاشرو به تڏهن ممڪن آهي جڏهن هي طبقاتي سماج هر صورت ختم ٿي وڃي. استحصال جي هر صورت پڻ ختم ان وقت ٿيندي جڏهن استحصال معاشرو ختم ٿي وڃي. مارڪس هڪ هنڌ لکي ٿو ته “انسان کي حاصل حق فطرت جو ڪو تحفو نه آهن ۽ نه ئي تاريخ جو ورثو آهن، پر انسان جي زنده رهڻ لاءِ ڪيل جدوجهد جو نتيجو آهن ۽ نسل در نسل حاصل ٿيل مراعتون آهن، اهي تايخ جي حاصلات آهن ۽ انهن حاصلاتن تي انهن جي مالڪي هوندي جن اهي حاصل ڪيون”.
ٿورو غور سان ڏسنداسين ته سوشلزم ۾ سرمائيداري جو بنيادي ميڪنزم موجود آهي. 1) يعني پيداوار ۽ ان جي ورهاست مارڪيٽ جي ذريعي ٿيڻ، سرمائيداري ۾ به ساڳي صورتحال آهي. پيداوار کي نفعو ڪمائڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آندو وڃي ٿو ۽ اتان سماج ۾ تقسيم ڪيو وڃي ٿو. 2) اجرتي نظام: سرمائيداري نظام جي بنيادي خصوصيت اجرتي نظام آهي، جنهن جي ذريعي سرمائيدار مزدور جو استحصال ڪري ٿو. ساڳئي صورتحال سوشلزم ۾ به موجود آهي يعني ”صلاحيت آهر ڪم ۽ ڪم آهر اجورو“ ٻنهي ۾ اجوري وارو نظام برقرار آهي. پگهار سسٽم کي برقرار رکڻ، سرمائيداري کي وڏي رعايت هئي. سوشلزم تحت مزدور کي ڪم آهر پگهار ملندي هئي. پيشورانه مزدور جي پگهار ۾ پورهيو ڪندڙ مزدور جي مقابلي ۾ وڌيڪ هئي. جسماني پورهيو ڪندڙ مان به هنرمند ۽ غير هنرمند مزدور جي پگهار ۾ فرق هو. پگهار ۾ موجود فرق سماجي ضرورت پوري ڪرڻ بجاءِ مارڪيٽ ۽ نفعي لاءِ پيداوار کي هٿي ڏني. سماجي گهرجن مطابق پيداوار ورهائڻ جو عمل ختم ٿي ويو. ڇو ته ڪن پورهيتن وٽ ٻين کان وڌيڪ قوت خريد هئي، سماج جي ڪهڙي به بهتر طريقي سان رٿابندي ڪئي وڃي، پر پگهار سسٽم هر پورهيت کي پنهنجي ڪم ڏانهن خود غرضانه نموني ڏسن وارو رويو همٿائي ٿو. رڳو ڪميونزم ئي ان صورتحال کي تبديل ڪري سگهي ٿو. ڪميونزم ۾ پگهار سسٽم کي قطعي طور ختم ڪري ڇڏيندو. ڪميونزم ۾ ”هر ڪنهن کي ضرورت مطابق“ وارو اصول بنيادي حيثيت رکي ٿو. 3) ڪرنسي سسٽم: ڪرنسي سسٽم هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن سان سرمائيدار مزدور جي محنت چورائي ٿو. ڪامريڊ ڪارل مارڪس نقد ڪرنسي کي بين الاقوامي دلال ڪوٺيو آهي. سوشلزم ۾ به ساڳيو ڪرنسي سسٽم بحال رکيو ويو، جنهن سرمائيدارن جي نئين طبقي کي جنم ڏنو، جيڪو سوشلزم جي ناڪاميءَ جو سبب بڻيو.اڳوڻن سوشلسٽ ملڪن جن ۾ روس ۽ چين اهم آهن، انقلاب جي شروع ۾ ئي پگهار سسٽم ۽ ڪرنسي سسٽم کي ختم ڪيو وڃي ها ته سرمائيداري ڏانهن به موٽ نه کائن ها. تنهن ڪري اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ڊائريڪٽ ڪميونسٽ نظام معيشت نافذ ڪرڻ کانسواءِ ڪهڙو به نظام نافذ ڪجي (سوشلزم سميت) ڪامياب نه ٿيندو.
موجوده وقت ۾ دنيا جو هڪ رخو ( امريڪا جي جارحيت) هئڻ ڪري پوري دنيا خصوصي طور مسلمانن ۾ وڏي بيچيني پيدا ٿي رهي آهي جنهن جا خطرناڪ نتيجا خصوصي طور تي پاڪستان، عراق، ايران، مصر، شام، فلسطين، سعودي عرب وغيره تي پئجي رهيا آهن ۽ اهي عظيم تهذيبون سرمائيدار نظام جي خوراڪ جو کاڄ بڻايون پيون وڃن. مارڪسي ادب جي بنيادي دستاويز “ڪميونسٽ مينو فيسٽو” کي غور سان ڏسنداسين ته خبر پوندي ته مارڪسزم جي عظيم استادن جي ذهن ۾ به ڪميونزم ئي هو، نه ڪي سوشلزم. ڪميونسٽ ميني فيسٽو جي آخري باب ۾ به ڪيترن ئي قسمن جي سوشلزم جو ذڪر ٿيل آهي. جن کي رد ڪيو ويو آهي. مثلن جاگيرداري سوشلزم، سرمائيداري سوشلزم، قدامت پسند سوشلزم، تنقيدي يا خرابي سوشلزم، سچي سوشلزم وغيره. مارڪس جو چوڻ هو “سوشلزم جو لفظ حڪمران ۽ طبقي ۽ سرمائيدارن لاءِ خطرناڪ نه رهيو آهي ۽ سڀڪو سوشلسٽ سڏائي رهيو آهي”، اهوئي سبب هو جو مارڪس ۽ اينگلس ڪميونسٽ ميني فيسٽو جو نالو سوشلسٽ ميني فيسٽو نه رکيو. ان حقيقت جي وضاحت اينگلس ڪميونسٽ ميني فيسٽو جي مهاڳ ۾ ڪئي آهي. ٻئي پاسي ڏٺو وڃي ته اسان وٽ جيڪي کاٻي ڌر جون سوشلسٽ يا ڪميونسٽ پارٽيون آهن، اهي قومي جمهوري انقلاب، عوامي جمهوري انقلاب يا سوشلسٽ انقلاب وارن چڪرن مان ٻاهر نڪرن ئي ڪو نه ٿيو. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته سرمائيداري اڳ ۾ ئي اها مرحلا طئي ڪري چڪو آهي ۽ پيداواري صلاحيت ان بلندي تائين پهچي چڪي آهي جو پوري دنيا جي آبادي کان ٻيڻي آبادي جو سڀئي ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون. فقط ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سرمائيداري نظام کي ذاتي ملڪيت جي چمني مان آزاد ڪري، ڪميونسٽ بنيادن تي پيداوار جي ورهاست ڪجي. باقي پيداوار جي سماجي نوعيت اڳ ۾ ئي ٿي چڪي آهي. سرمائيداري نظام سامراجيت ۽ مالياتي سرمائي جي عروج تي پهچي چڪو آهي، جنهن جون ٽي اهم خصوصيتون آهن. پهرين اها ته سامراجيت اجارادارانه سرمائيداري هوندي آهي، ٻيو ته سامراجيت جان بلب ۽ طفيلي سرمائيداري هوندي آهي. يعني ڳرندڙ سڙندڙ سرمائيداري هوندي آهي. ٽيون ته سامراجيت سرمائيداري جي اها شام هوندي آهي جنهن جو صبح ڪميونزم ۾ ظاهر ٿيڻو آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته کاٻي ڌر جي سڀني پارٽين کي سرمائيداري جي اوسر جو سائنسي تجزيو ڪري جدلياتي ماديت جي اصولن مطابق پنهنجي منشورن ۾ تبديليون آڻڻ گهرجن ۽ ڊائريڪٽ ڪميونزم لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ٻئي صورت ۾ نظرياتي انتهاپسندي جي وَر چڙهي وينديون. ڇو ته مارڪسزم ۽ جدلياتي ماديت جا قانون سائنس آهن ڪي مذهبي عقيدا نه آهن.










