ڀارتي شهري گوگل جي سڀني ڪمپنين جو سربراهه ٿي ويو

لاس اينجلز(ويب ڊيسڪ) ڀارتي نزاد گوگل جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسرسندر پيچائي کي گوگل جي سرپرست ڪمپني الفابيٽ جو به سربراهه بڻايو ويو آهي. سندر پيچائي کي هي عهدو گوگل جي باني ليري پيج ۽ سرگي برن جي مستعفي ٿيڻ بعد ڏنو ويو آهي. 47 ساله سندر پيچائي جو چوڻ آهي ته گوگل جي ٻنهي بانين هڪ مضبوط ادار قائم ڪيو آهي جنهن جي تعمير ۽ ترقي جو سفر جاري رکيو ويندو. سندر پيچائي آمريڪا ۾ وڏي ۾ وڏي پگهار وارو سربراهه بڻجي ويو آهي. گوگل جي بانين 2015 ۾ الفابيٽ ڪمپني متعارف ڪرائي هئي. جنهن جو مقصد گوگل جو ڪاروبار وڌيڪ شفاف ۽ قابل اهتساب بڻائڻو هو. گوگل، يوٽيوب. ڪروم، گوگل ميپ ۽ اينڊرائڊ الفابيٽ جي ئي نگراني ۾ آهن. سندر پيچائي جو تعلق ڀارتي شهر چنئي سان آهي ۽ هن آڪٽوبر 2015 ۾ گوگل جي چيف ايگزيڪيٽو جو عهدو سنڀاليو هو. سندر پيچائي ابتدائي تعليم چنئي مان حاصل ڪئي جتي هو پنهنجي اسڪول ٽيم جي ڪرڪٽ ٽيم جو ڪپتان هو ۽ پنهنجي ٽيم کي ڪيترائي مقابلا کٽرايا. هن مغربي بنگال جي انڊين انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ مان ميٽلرجيڪل انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪئي. هن 2004 ۾ گوگل ۾ نوڪري حاصل ڪئي ۽ پنهنجي ڀرپور صلاحيتن سان ڪمپني جا اهم پروجيڪٽ ڪاميابي سان مڪمل ڪيا. جن ۾ ويب برائوزر ڪروم، موبائل فون ۾ استعمال ٿيندڙ آپريٽنگ سسيٽم، اينڊرائيڊ شامل آهن. هن جي تيار ڪيل اينڊرائڊ ايپليڪيشن دنيا ۾ معروف ترين ايپ بڻجي وئي. جڏهن هو 12 سالن جو هو ته سندس ٻن ڪمرن جي گهر ۾ فون، ڪار ۽ ٽي وي به ڪون هئي. هڪ رپورٽ موجب سندر پيچائي آمريڪا جي ڪنهن ڪمپني ۾ سڀني کان وڌيڪ پگهار کڻندڙ  آفيسر آهي. فيبروري 2016 ۾ هن کي 19 ڪروڙ 90 لک ڊالر جا شيئر ڏنا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو