ممتاز ڪنڀر
اڄ 8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن آهي.عورت ڪائنات ۾ اهم حيثيت جي مالڪ آهي. مهذب معاشرن ۾ عورتن کي ترقي جي حوالي سان پنهجو ڪردار ادا ڪرڻ لا۽ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن.سند جي موجودا حالتن ۾ هن وقت سند جي عورت گهڻو ڀوڳيندي نظر اچي رهي آهي .۽ سماجي انصاف لا۽ آتي هي عورت
طبقاتي نظام جي منفي اثرن کان متاثر ٿيندي ۽ زندگي سان جهيٿريندڙ عورت جڏهن هڪ ماءُبڻجي سوچي ٿي ته سندس بيروزگار پٽ بيروزگاري جي باه ۾ جلندو رهي ٿو ،هي نوجوان يونيورسثي جو شاگرد آهي.۽ پنهجي امٿر سان موبائل تي ڳالهائندي مهني جي راشن (جيب خرچ ) ختم ٿي ويڻ بابت ٻڌائي ٿو ماءُ وراڻي ٿي ٻچڙ خرچ گهٽاءِ .گهر جا خرچ وڌي رهيا آهن بحرحال ڪجه موڪليانءِ ٿي ،فون بند ڪرڻ بعد پنهجي پٽ جي مستقبل بابت سوال واراءِ ٿاوڃن ،هن ماءُ کي پنهجي ڌيئرن جي رشتن ۽ (جهيز ) ڏاج جو اونوپڻ رهي ٿو
هي عورت قبائلي تڪرارن ۽ ڪاروڪاري تي پڻ حيران ۽ پريشان آهي ،ورڪنگ ويمن جي صورتحال معززايوانن۾شرڪت کان ويندي گهر ۽ خاندانن ۾ عورتن جي فصله سازي ۽ خودمختياري متعلق ڪيترائي سوال ۽ تلخ حقيقتون ۽ تجربا هن عورت لا۽ ڪنهن ذهني عزاب کان گهٽ ناهن.
ٿر جي عورت ،
سند جي ٻين علائقن کان ٿر جي زندگي جو لائف اسٽائل الگ آهي ٿاريلي عورت هن اڄوڪي دور ۾ ٿر جي ڏٿ گاهن ٻوٽن وڻڻ جيئن گگرال، ڪونڀٽ ، ٿر جي پکين ۾ مورن جانورن ۾ هرڻ، روجھ وغيره جي نسل ڪشي ٿيندو ڏسي، ٿر جي قدرتي سونهن ختم ٿي رهي وڃڻ تي پريشان آهي، هي سمورن عمل هن جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. زميني گئوچر ۽ حد بندين جي آڙم تباهه ٿيندڙ خانداني نظام تي به هوءَ حيران آهي ۽ مرد کان گھڻو ڀوڳي ٿي، هي عورت پنهنجين ڌيئرن، بيئرن ۽ ٻين پاڙي وارين نياڻين جيڪي بيمارين جو علاج ڪرائيندي پنهنجي جسم ۾ لوهي ڪليون (ڪوڪا) به لڳرائين، هي عمل ٿر جي غريب خاندانن،اڪثر شيڊ يوئل ڪاسٽ ڀيل ، ڪولهي، مينگھواڙن وغيره قومن ۾ موجود آهي “ڀوپن” رحم ڪرم تي هي ماڻهو ڦرجندا رهن ٿا.
انهن قومن ۾ اڪثر غيرب جي لڪير / سطح کان هيٺ غريب خاندان جو عورتون پنهنجن ٻارڙن سميت خودڪشيون به ڪندري رهيون آهن قالين ٺاهڻ وارين کڏين ۾ ڪم ڪندڙ انهن نياڻين جون عورتون پنهنجين “نوجوان” ڌيئرن کي جن جون منڱڻيون انهي ڪري ٽوڙيون ويون جو اهي انهن عيوض کنيل قرض لاهي کين آزاد ڪرائي نه سگهيون هي نياڻيون کڏين جي مالڪن جي رحم ڪرم تي آهن هي عمل سندن اکين مان رت جا ڳوڙها ٿو وهائي.
ڏڪار وارين حالتن ۾ زندگي سان عورت مهاڏو اٽڪائيندي نظر اچي ٿي پر انهن حالتن ۾ به هو اولاد جي پرورش ڪري ٿي ، ٿر ۾ آباد سيڊول ڪاسٽ طبقاتي نظام ۾ پيڙهي رهي آهي معاشي ۽ سياسي حقن کان محروم هي عورت خصوصا زرعي ليبر واريون عورتون جنسي تشدد جو شڪار پڻ ٿين ٿيون ٿر ۾ اڄ به زمين کيڙڻ تان جهيڙا ٿين نتيجي ۾ ڪنهن ماءُ جو پٽ ته ڪنهن ڀيڻ جو ڀاءُ ته ڪنهنوني جو ور قتل ٿي وڃي، ماضي ۾ اهڙين واقعن ۾ گهڻي ۾ گهڻو عورت ڀوڳي ٿي










