شادي کان اڳ ماءُ جي اجازت سان پنهنجي مڙس سان مليس

شادي کان اڳ ماءُ جي اجازت سان پنهنجي مڙس سان مليس

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)مشهور پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل مديحا امام انڪشاف ڪيو آهي ته هن پنهنجي ماءُ جي اجازت سان پهرين دبئي ۾ پنهنجي مڙس، هندستاني فلمساز موجي بصر سان ملاقات ڪئي هئي.اداڪاره مديحا تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هڪ انٽرويو ڏنو،اداڪاره پنهنجي مڙس سان پهرين ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته مون سڀ کان پهريان دبئي ۾ موجي سان ملڻ لاءِ پنهنجي ماءُ کان اجازت گهري هئي.هن چيو ته مون پنهنجي ماءُ کي چيو ته مان دبئي ۾ پنهنجي ڀيڻ سان گڏ رهندس پر پنهنجي دوست موجي سان به ملندس. مان شادي کان اڳ موجي کي ڄاڻڻ چاهيان ٿي.اداڪاره چيو ته جڏهن توهان ڪنهن شخص بابت ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته توهان کي ان سان گڏ سفر ڪرڻ ۽ کاڌو کائڻ گهرجي، جنهن دوران توهان کي ان جي شخصيت بابت سڀ ڪجهه معلوم ٿئي ٿو.مديحه امام جو چوڻ هو ته مون پهريون ڀيرو مجي بصر سان گڏ سڄو دبئي ڏٺو، مختلف هنڌن تي ويس ۽ محسوس ڪيو ته هي فينسي دبئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو