سيد محسن شاهه جو ساليانو عرس، ملهه مقابلا ٿي گذريا

سيد محسن شاهه جو ساليانو عرس، ملهه مقابلا ٿي گذريا

سيٺارجا (سجاد علي ڪٻر) صوفي بزرگ پير سيد محسن علي شاهه بخاري جو ساليانو 3 ڏينهن وارو عرس مبارڪ شروع ٿي ويو آهي. ان موقعي تي سنڌ جي قومي ۽ ثقافتي راند ملهه جا شاندار مقابلا پڻ ٿيا جنهن ۾ محمد خان ڦل، رياض خاصخيلي، راڻو ڀنڀرو، قربان اڄڻ ، عابد ڪوري ، علي نوار ميتلو، حسن مهراڻي، محرم مهراڻي، ثناءُ الله ڦل، ديدار جمالي، خان محمد اعواڻ، منٺار بگٽي، شريف اعواڻ، منير ڦل ، محمد مٺل ڦل ۽ ٻين ملهه پهلوانن هڪ ٻئي کي دسي راند جا خوب جوهر ڏيکاريا ۽ پهرين جوڙ جي ملهه پهلوان محمد خان ڦل ڪيترن ئي پهلوانن کي دسي پهرين پوزيشن ماڻي  خوب داد ۽ انعام حاصل ڪيو. ان موقعي تي درگاهه جي متولي فقير هادي بخش چنو ، فقير امير علي چنو ۽ فقير شاهزيب چنو ڪامياب ملهه پهلوانن ۾ انعام ورهايا. مسڪين چانڊيو عرس آخري ملاکڙي جي بهترين ڪامينٽري ڪري داد حاصل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو