سيٺارجا (سجاد علي ڪٻر) صوفي بزرگ پير سيد محسن علي شاهه بخاري جو ساليانو 3 ڏينهن وارو عرس مبارڪ شروع ٿي ويو آهي. ان موقعي تي سنڌ جي قومي ۽ ثقافتي راند ملهه جا شاندار مقابلا پڻ ٿيا جنهن ۾ محمد خان ڦل، رياض خاصخيلي، راڻو ڀنڀرو، قربان اڄڻ ، عابد ڪوري ، علي نوار ميتلو، حسن مهراڻي، محرم مهراڻي، ثناءُ الله ڦل، ديدار جمالي، خان محمد اعواڻ، منٺار بگٽي، شريف اعواڻ، منير ڦل ، محمد مٺل ڦل ۽ ٻين ملهه پهلوانن هڪ ٻئي کي دسي راند جا خوب جوهر ڏيکاريا ۽ پهرين جوڙ جي ملهه پهلوان محمد خان ڦل ڪيترن ئي پهلوانن کي دسي پهرين پوزيشن ماڻي خوب داد ۽ انعام حاصل ڪيو. ان موقعي تي درگاهه جي متولي فقير هادي بخش چنو ، فقير امير علي چنو ۽ فقير شاهزيب چنو ڪامياب ملهه پهلوانن ۾ انعام ورهايا. مسڪين چانڊيو عرس آخري ملاکڙي جي بهترين ڪامينٽري ڪري داد حاصل ڪيو.










