لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪاره نرگس تي مڙس مبينه تشدد جو نشانو بنايو آهي، جنهن کان پوءِ اداڪاره رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهچي وئي.پوليس موجب لاهور جي علائقي ڊفينس سي ۾ اداڪاره نرگس کي ان جي مڙس انسپيڪٽر ماجد بشير مبينه تشدد جو نشانو بنايو، ٻنهي زال مڙسن ۾ پئسن جي معاملي تان جهيڙو ٿيو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙي کان پواءِ اداڪاره نرگس گذريل رات ٿاڻي به پهتي پر اڃان تائين ڪابه درخواست نه ڏني وئي آهي. اداڪاره نرگس ڪجهه سال اڳ انسپيڪٽر ماجد بشير سان شادي ڪئي هئي نرگس شادي کان پوءِ شوبز جي دنيا کي الوداع چئي بيوٽي سيلون هلائي رهي آهي.اداڪاره نرگس جي ڀاءُ موجب انسپيڪٽر ماجد بشير روزاني منهنجي ڀيڻ تي تشدد ڪندو آهي، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته نرگس جي گهر ڀاتين طرفان اڃان تائين ڪنهن به ڪيس جي ڪابه درخواست نه ڏني آهي. درخواست ملندي ئي قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.










