screen shot intrnet

سريلنڪا ۾ مسلمان ووٽرن سان ڀريل 100 بسن تي فائرنگ

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ) سريلنڪا جي شمال مغربي علائقي ۾ صدارتي چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ ويندڙ مسلمان ووٽرن جي 100 کان وڌيڪ بسن تي هٿياربندن هٿان انڌاڌند فائرنگ ڪئي وئي آهي ۽ ان حملي ۾ هن مهل تائين ڪي به جاني نقصان ٿيڻ جا اطلاع ناهن مليا. واضح رهي ته سريلنڪا ۾ نئين صدر جي چونڊ لاءِ اڄ ووٽنگ جو عمل جاري آهي جنهن ۾ صدر ميٿري پالاسري جي جڳهه سنڀالڻ لاءِ حزب اقتدار کان سجيٿ پريما داسا ۽ اپوزيشن کان گوٽابا ياراجا پاڪسا مد مقابل آهن. سريلنڪن پوليس مطابق اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن سرينلڪا جي ساحلي ڳوٺ پوتالام ۾ رهندڙ اقليتي مسلم ووٽرن کي 100 کان وڌيڪ گاڏين ۾ سوار ڪري قافلي جي صورت ۾ ضلع منار طرف وڃي رهيو هو جتي انهن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻو هو. جڏهن بسن جو قافلو ان جڳهه تي پهتو ته هٿياربندن انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني ۽ ٽائر ساڙيا جنهن سان ٻن بسن کي شديد نقصان پهتو. واضح رهي ته هن سال جي شروعات ۾ سريلنڪا جي هڪ مقامي مسلم شدت پسند گروپ ايسٽر جي تقريبن ۾ حملو ڪيو هو جنهن کان پوءِ سريلنڪا ۾ مسلمانن خلاف نفرت ۾ اضافو ٿيو آهي. پوتالام جي مسلمان ووٽرن پهرين به سريلنڪن حڪومت کي درخواست ڪري چڪا آهن ته انهن کي ڪيترائي ڪلوميٽر پري پولنگ اسٽيشنن تي وڃڻو پوي ٿو تنهن ڪري حڪومت کي هن ڳوٺ ۾ پولنگ اسٽيشن قائم ڪرڻ گهرجي جنهن تان حڪومت صاف انڪار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو