سکر کان ڪراچي موٽر وي ٺاهڻ اهم ترجيح آهي، عليم خان

سکر کان ڪراچي موٽر وي ٺاهڻ اهم ترجيح آهي، عليم خان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته سکر کان ڪراچي ۽ سيالڪوٽ کان اسلام آباد تائين وايا کاريان موٽر وي ٺاهڻ سڀ کان اهم ترجيح هوندي. هن چيو ته مستقبل ۾ 6 لين کان گهٽ موٽر وي نه ٺاهيا ويندا. يعني هڪ پاسي 3 لين ضرور هونديون جيئن ٽريفڪ آساني سان گذري سگهي. اهرو اظهار هن خميس تي اين ايڇ اي ۾ بريفنگ دوران ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ۾ چيئرمين اين ايڇ اي، مواصلات وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجود هئا. هن اها وضاحت نه ڪئي ته سکر کان ڪراچي تائين ڌار موٽر وي ٺهندو يا سکر کان حيدرآباد بعد سپر هاءِ وي سان ان کي ڳنڍيو ويندو. ياد رهي ته گزريل پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ شهباز شريف سکر حيدرآباد موٽر وي جي افتتاحي تقريب ۾ اعلان ڪيو هو ته سکر کان حيدرآباد تائين موٽر وي ٺاهڻ بعد سپر هاءِ وي کانسواءِ حيدرآباد کان ڪراچي تائين ڌار موٽر وي ٺاهيو ويندو. هڪ سال کان مٿي عرصو گزرڻ بعد به ان اعلان تي عمل ناهي ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو