ايران طرفان وڏي حملي لاءِ تيار رهڻو پوندو، جان ڪربي

ايران طرفان وڏي حملي لاءِ تيار رهڻو پوندو، جان ڪربي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي قومي سلامتي جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته اسان کي ايران جي وڏي حملي لاءِ تيار رهڻ گهرجي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسرائيل پنهنجو دفاع ڪري سگهي ٿو ۽ آمريڪا اسرائيل جي مدد لاءِ موجود آهي.ٻئي طرف پاسداران انقلاب جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه جي قتل جو بدلو ورتو ويندو.سڌ سماءَ وارن ادارن موجب ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ عراق مان آمريڪي فوج جي مڪمل واپسي جو امڪان آهي.ايراني ميڊيا موجب عراقي پرڏيهي وزير ايندڙ هفتي آمريڪا پهچندو ۽ آمريڪي فوجن جي واپسي جو باضابطا اعلان واشنگٽن ۾ ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو