اليڪشن ترميمي ايڪٽ 2024 لاهور هاٰءِ ڪورٽ ۾ به چئلينج

اليڪشن ترميمي ايڪٽ 2024 لاهور هاٰءِ ڪورٽ ۾ به چئلينج

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ترميمي ايڪٽ 2024 کي به چئلينج ڪيو ويو.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شهري مشکور حسين طرفان نديم سرور ذريعي درخواست داخل ڪئي وئي هئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪرڻ لاءِ اليڪشن ايڪٽ ۾ 4 ترميمون ڪيون ويون، ترميمي ايڪٽ لاڳاپيل ڪميٽي جي بحث ۽ منظوري کانسواءِ پاس ڪيو ويو.هن استدعا ڪئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ 2024 جي سيڪشن 1، 2، 3 ۽ 4 کي ڪالعدم قرار ڏئي ۽ درخواست تي حتمي فيصلي تائين ترميمي ايڪٽ تي عملدرآمد روڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو