اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سمورين سياسي پارٽين جي سربراهن کي 29 آگسٽ تائين اڪائونٽس جا ڪلي گوشوارا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سياسي پارٽيون مالي سال ختم ٿيڻ کان پوءِ 60 ڏينهن اندر چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ذريعي تفصيل سان فارم ڊي ۾ ڪميشن ۾ پنهنجا ريٽرن جمع ڪرائينديون.ڪميشن چيو ته سالياني آمدني ۽ خرچ، فنڊنگ جا ذريعا، اثاثا ۽ ذميواريون اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايون وڃن. اليڪشن ڪميشن پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل سياسي پارٽي جي آڊٽ رپورٽ تي پارٽي اڳواڻ جي طرفان بااختيار آفيسر صحيح ڪري.










