بجليءَ جا بل عوام لاءِ وڏي مشڪل بڻجي ويا آهن

بجليءَ جا بل عوام لاءِ وڏي مشڪل بڻجي ويا آهن

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته ڪنهن به کاتي جي فيصلي سازي لاءِ ڊيٽا گهڻي اهم هوندي آهي پر اسان وٽ انفارميشن ۽ ڊيٽا کانسواءِ فيصلا ڪيا ويندا آهن، چاهيان ٿي اسان وٽ درست ڊيٽا هجي ته جيئن سوشل پروٽيڪشن پروگرامز ۾ ٽئڪس ڏيندڙن جو پسئو زيان نه ٿئي. هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته شڪايتون مليون آهن ته رمضان پئڪيج غريبن بدران وڏيرن تائين پهچي رهيو آهي، مون کي اندازو ٿيو ته اسان وٽ ته ڊيٽا ئي نه آهي، پنجاب جي 13 ڪروڙ آبادي آهي پر خبر ناهي ڪيتري آبادي سوشيو اڪنامڪ ڪيٽيگري آهي.هن چيو ته بي آءِ ايس پي جي ڊيٽا کي به اَپ ڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، افسوس هارين بابت به مستند ڊيٽا موجود نه آهي، ڪيترن ئي هارين ٽئڪس کان بچڻ لاءِ پنهنجي زمين 12، 12 ايڪڙن ۾ ورهائي رجسٽريشن ڪرائي آهي، معذور ماڻهن جي به ڊيٽا موجود نه آهي.سندس چوڻ هو ته پنجاب حڪومت ” اپنا گهر “ اسڪيم شروع ڪري رهيا آهيون، پر خبر ناهي پنجاب ۾ ڪيترن ماڻهن وٽ پنهنجا ذاتي گهر آهن ۽ ڪيترا بي گهر آهن، سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان ڄاڻ ۽ ڊيٽا کانسواءِ فيصلا ڪيئن ڪندا آهيون. مريم نواز چيو ته فيصلي سازي ڊيٽا گهڻي اهم هوندي آهي پر اسان انفارميشن ۽ ڊيٽا کانسواءِ ئي فيصلا ڪري ڇڏيندا آهيون، ڪا به ٽارگيٽڊ اپروچ نه آهي، مان چاهيان ٿي ته مون وٽ درست ڊيٽا هي ته جيئن ٽئڪس ڏيندڙن جو پئسو زيان نه ٿئي. هن چيو ته پنجاب ۾ ڪيترائي ماڻهو بجلي جا بل ادا نٿا ڪري سگهن، بجلي جا بل عوام لاءِ هڪ وڏي مشڪل بڻجي ويا آهن، ماڻهن جي پگهار جو هڪ وڏو حصو بجلي جي بلن جي مد ۾ هليو ويندو آهي، اهڙن واهپيدارن جن جا پنج سئو يونٽ استعمال ٿيندا آهن انهن لاءِ سولر سسٽم آڻي رهيا آهيون، 45 لک واهپيدارن لاءِ سولر منصوبو آڻي رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو