“ آبادگارن جا مسئلا ۽ زراعت جي تباهي”

“ آبادگارن جا مسئلا ۽ زراعت جي تباهي”

غلام حسين جوڻو
سنڌ، هڪ زرعي علائقو آهي جتي هر قسم جا فصل ۽ ميوات جا باغ به ٿين ٿا. چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مطلب ته هي علائقو سرسبز ۽ شاداب آهي هتان جي زراعت دنيا ۾ مشهور آهي. سنڌ جي عوام اڪثريت هارپو ڪري ٿي. هڪ اندازي موجب اسي سيڪڙو عوام زراعت سان واسطو رکي ٿو. ملڪ جو ڪاروهنوار هلائڻ ۾ هتان جي زراعت جو اهم ڪردار آهي. تنهن هوندي به سنڌ جو آبادگار ۽ هاري سدائين سورن ۾ رهي ٿو ڪيترائي مسئلا آهن جن کي منهن ڏيئي رهيو آهي. هتان جو اهو طبقو جيڪو زراعت سان لاڳاپيل آهي سو بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. جائزو وٺبو ته، آبادگار، هاري ۽ ننڍا زميندار ڪيترن ئي مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن. هونئن ته کوڙ سارا مسئلا آهن جن جي ڪري اُهي پريشان رهن ٿا. پر، خاص مسئلا زراعت جي شعبي سان تعلق رکن ٿا. جن کي حڪومت حل ڪرڻ ۾ ڪابه دلچسپي ڪونه ٿي وٺي. جيستائين اهي مسئلا حل نه ٿيندا تيستائين مذڪوره طبقو بدحالي مان نڪري خوشحالي جي طرف ڊوڙ ڪونه ڪري سگھندو ۽ اسان جي زراعت ۾ به سڌارو ڪونه اچي سگھندو. زراعت جي پيداوار جي لحاظ کان پوئتي ٿيندا پيا وينداسون. جنهن ڪري معاشي نقصان ٿيندو رهندو. جيڪو ناقابل تلافي آهي.هونئن ته کوڙ مسئلا آهن. جن کي لکڻ سان وڏو ڪتاب ٺهي ويندو. پر، اڄ جا آبادگار جن ڳالهين جي ڪري پريشان آهن. جن مسئلن ۾ ڦاٿل آهن. تن جو هتي مختصر ذڪر ڪرڻ جي جسارت ڪريان ٿو. هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جي کوٽ آهي. سڄي سنڌ ۾ رڙيون آهن ته مٿان کان پاڻي گھٽ اچي ٿو. سنڌ جي حصي جو پاڻي روڪيو ويو آهي. پنجاب ۾ نوان ڪئنال ٺاهي سنڌو جو پاڻي انهن ۾ وهايو پيو وڃي. آئون، اها ڳالهه مڃيان ٿو. انڪار ڪونه اٿئون. پر، سنڌ جي نهرن ۾ جيڪو پاڻي اچي ٿو. سو، ڪيڏانهن ٿو وڃي. ڪنهن جون زمينون آباد ڪري رهيو آهي. بظاهر ڏسڻ ۾ ته ائين ٿو اچي ته، بااثر سياسي وڏيرا جن جو تعلق حڪمران پارٽي سان آهي. انهن جي زمين ۾ پيو وهي. اتي واٽر ڪورس پاڻي سان ڀريل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اتي ڪابه وارا بندي ڪونه آهي انهن سان ڪوبه قانون لاڳو ڪونه آهي. پر، ننڍن زميندارن جي زمينن تائين پاڻي ڪونه ٿو پهچي. سندن زمينون غيرآباد ٿينديون پيون وڃن. خاص ڪري شاخن جي پُڇڙي ۾ پاڻي جي فراهمي بند آهي. جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته سنڌ ۾ گھڻيون تڻيون شاخون بند پيون آهن. پر، ڪوبه عملدار ڪونه ٿو ٻڌي. ڪوبه داد ڪرڻ وارو ڪونه آهي. انهن احتجاجن جو اثر حڪمرانن تي ڪونه ٿو پوي. اهي بي خبر ٿيو ويٺا آهن. ڄڻ ته پاڻي جي ورهاست منصفانه ٿي رهي آهي. جنهن ڪري هو خاموش آهن. جڏهن ته حڪمران رڳو اجلاسن، ميٽنگن ۽ گڏجاڻين ۾ مصروف رهن ٿا. انهن مصروفيتن جي ڪري عوام جا مسئلا حل ڪٿان ڪري سگھندا رڳو ڪوڙيون دعوائون ڪندا ٿا وتن. عوام کي بيوقوف بنائي رهيا آهن. آبادگارن لاءِ پاڻي جي غير منصفانه ورڇ هڪ اهم مسئلو آهي. پاڻي جي بغير سندن جياپو ناممڪن آهي. پر، اهو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ ڪوبه تيار ڪونهي.ٻيو وڏو مسئلو هي آهي ته، جڏهن فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ آندو وڃي ٿو تڏهن واپاري حضرات زرعي جنسن جو مناسب ۽ صحيح اگھ ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. حڪومت به جيڪي اگھ مقرر ڪري ٿي سي واپارين جي فائدي ۾ هوندا آهن ۽ آبادگارن کي نقصان ڏنو ويندو آهي. جنسن جون گھٽ قيمتون مقرر ڪري آبادگارن ۽ هارين جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي. جنهن ڪري آبادگار پريشان حال رهن ٿا. کين صحيح معاوضو نه ڏيڻ اها ناانصافي آهي. گھٽ اگھ ملڻ ڪري فصل تي جيڪو خرچ ڪيو وڃي ٿو سو به ڪونه ٿو لهي. سيٺين جا قرض به ڪونه ٿا لهن ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي مشينري جا بل به ڳاٽي ٽوڙ آهن. آبادگار انهن بلن جي ادائيگي ڪرڻ لاءِ مجبور هوندا آهن. سيٺين کي قرض نه ڏيڻ تي وياجَن جي مٿان وياج چڙهندا وتن. ان صورت ۾ آبادگارن جي معاشي حالت ڪڏهن به سڌري نه ٿي سگھي ۽ نه وري هتان جي زراعت به ترقي ڪري سگھندي پر جيئن پوءِ تئين پوئتي ٿيندي ويندي. اسان وٽ ته اهو حشر آهي جو ڪڻڪ جو باردانو به سياسي بنيادن تي ورهايو وڃي ٿو. بااثرن کي باردانو ڏنو وڃي ٿو. هن سال ڪڻڪ جي بارداني جي ورهاست غير منصفانه ٿي. اهڙو اڳ ۾ ڪو مثال ئي ڪونه ٿو ملي. ننڍن آبادگارن کي باردانو نه ڏيڻ جي ڪري سڄي سنڌ ۾ هڙتالون ڪيون ويون. احتجاج ڪيا ويا. پر، آئون سمجهان ٿو ته، احتجاج ڪندڙ ننڍن آبادگارن جو هي مسئلو به حل ڪونه ڪيو ويو. حالانڪه هي مسئلو ايڏو وڏو ڪونه آهي جو حل ٿي نه سگھي. البته ڪن هنڌن تي مظاهرين کي باردانو ڏيئي احتجاج ختم به ڪرايو ويو. ڪن کي ڪوڙا دلاسا ۽ آسرا ڏيئي احتجاج ختم ڪرايا ويا.اڳ ۾ زمين جو سمورو ڪم ڪار هاري پاڻ پنهنجي هٿن سان ڪندا هئا. ڏاندن کان به مدد ورتي ويندي هئي جنهن ڪري آبادگارن ۽ هارين جو زمين تي خرچ گھٽ ٿيندو هو. پوءِ، حالتون بدليون هارين ۽ آبادگارن، ڍڳن کان ڪم وٺڻ ڇڏي ڏنو. سڀ ڪم زرعي مشينري ڪرڻ لڳي. هارين ۽ آبادگارن کان محنت ۽ جاکوڙ موڪلائي ويئي. مشينري جي ذريعي زراعت جو ڪم ڪرڻ سان آبادگارن جو خرچ وڌي ويو. اڄڪلهه ته تيل انتهائي مهانگو ٿيندو پيو وڃي ته مشينري جي ڪم جا اگھ به وڌي رهيا آهن. نهري پاڻي نه هئڻ ڪري ٽيوب ويل جي ذريعي پاڻي حاصل ڪري فصل کي ڏنو وڃي ٿو. ٽيوب ويل به بجلي تي هلن ٿا. بجلي جا ڳرا ۽ ڳاٽي ٽوڙ بل آهن. انهن ڳالهين جي ڪري مذڪوره طبقي تي مالي بار وڌندو رهي ٿو. ٻئي طرف زرعي دوائن جا اگھ به چوٽ چڙهي ويا آهن. دوائون به مهانگيون ٿينديون پيون وڃن. ان کان علاوه زرعي ڀاڻ جهڙوڪ يوريا ۽ ڊي اي پي وغيره جون قيمتون به آسمان سان ڳالهيون ڪن پيون. غريب آبادگار جي خريداري جي وس کان گھڻو مٿي آهن. اهو، خرچ به آبادگارن کي پريشان ڪري ٿو. مجموعي طور آبادگارن جي معاشي حالت ڪا تسلي بخش ڪونه آهي. تنهن کان سواءِ سرڪار پاڻي جو آبيانو ۽ ڍل به وصول ڪري ٿي. ان سلسلي ۾ ڪابه رعايت ڪونه ٿي ڪئي وڃي. ڍل ۽ آبياني جا ريٽ به آفيسر پنهنجي مرضي سان مقرر ڪن ٿا. پنهنجو حصو پتي ڪڍي پوءِ باقي رقم مٿين واڳن جي حوالي ڪئي وڃي ٿي. مطلب ته مذڪوره رقم سرڪاري خزاني ۾ گھٽ پياري وڃي ٿي. باقي رقم سا، خبر ناهي ته ڪنهن جي کيسي ۾ وڃي ٿي.آبادگار ويچارا خرچن ۾ پورا آهن ته وري آءِ ايم ايف حڪومت تي اهو شرط لڳايو آهي ته، ملڪ ۾ ٿيندڙ زراعت تي ٽئڪس ورتو وڃي. اهو شرط حڪومت اکيون پوري مڃي ورتو آهي تنهنڪري هاڻ زراعت تي ٽئڪس وٺڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. اهڙيون تياريون شروع ڪيون ويون آهن. قانون ۽ طريقه ڪار جو تعين ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن اهو ٽئڪس ورتو ٿو وڃي ته آبادگارن جي معاشي حالت ويتر خراب ٿي ويندي. جنهن لاءِ حڪومت کي سوچڻ گھرجي. ان سلسلي ۾ ملڪ جي صدر آصف علي زرداري صاحب جو چوڻ آهي ته، ننڍن آبادگارن، زميندارن ۽ کاتيدارن کان مذڪوره ٽئڪس نه ورتو وڃي. اهو وڏن زميندارن تي لاڳو ڪيو وڃي. سندس اهو مشورو به پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي. پر، وڏن زميندارن تي ٽئڪس لاڳو ڪرڻ سان هارين تي اثر پوندو. اڻ سڌي طرح اهو ٽئڪس هارين جي آمدني تي به لاڳو ٿي ويندو.ٽئڪس جو مالي بار به انهن تي پوندو. جيڪو اڳ ۾ ڪيترن ئي خرچن کي منهن ڏيئي رهيا آهن. انهن خرچن جي باري ۾ حڪومت بخوبي واقفيت رکي ٿي. حڪومت بي خبر ڪونه آهي.ياد رهي ته هارين، آبادگارن، کاتيدارن، مقاطعيدارن ۽ زميندارن جي زرعي خرچن ۾ واڌ ڪرڻ سان، هتان جي زراعت متاثر ٿيندي. مذڪوره طبقو معاشي لحاظ کان ڪمزور ٿي ويندو. جنهن ڪري معاشري تي ناڪاري ۽ منفي اثر پوندا. جيڪڏهن زراعت کي هٿي ڏيارڻي آهي. ترقي وٺرائڻي آهي ته ٻج، ڀاڻ ۽ ٻين زرعي خرچن کي گھٽائڻو پوندو. جنسن جا مناسب اگھ مقرر ڪري آبادگارن جي معاشي سپورٽ ڪرڻي پوندي ۽ هاڻ جيڪو زرعي ٽئڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي تنهن تي به نظرثاني ڪرڻ وقت جي اشد ضرورت آهي. تڏهن وڃي آبادرگارن جا مسئلا حل ٿيندا ۽ زراعت ترقي جي راهن تي گامزن ٿيندي. زراعت جي ترقي ملڪ وقوم جي خوشحالي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو