ساهيوال سانحي جا سڀ ملزم آزاد، هرڪو حيران!

لاهور (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ خصوصي عدالت ساهيوال سانحي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي سڀني جوابدارن کي شڪ جو فائدو ڏيندي آزاد ڪري ڇڏيو. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ساهيوال سانحي ۾ نامزد جوابدارن صفدر حسين، احسن خان، رمضان، سيف الله، حسنين ۽ ناصر نواز عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ۾ ڪيس ۾ مقتول ذيشان جي ڀاءُ ۽ خليل جي ٻارن چار درجن شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا، سمورن شاهدن عدالت جي سامهون جوابدارن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو. ڪيس ۾ وڪيلن ۽ سرڪاري شاهدن جي بيانن تي ڪيترا مهينا جرح مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت فيصلو ٻڌائيندي سمورن جوابدارن کي شڪ جو فائدو ڏيندي آزاد ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته 19 جنوري تي سي ٽي ڊي ساهيوال جي ويجهو جي ٽي روڊ تي هڪ گاڏي تي فائرنگ ڪئي هئي، نتيجي ۾ خليل احمد، ان جي گهرواري، ڌيءَ ۽ پاڙيسري ذيشان گوليون لڳڻ سبب مارجي ويا هئا. واقعي کانپوءِ سي ٽي ڊي طرفان متضاد بيان ڏنا ويا، ميڊيا تي معاملو اچڻ کانپوءِ وزيراعظم واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ سي ٽي ڊي جي اهلڪارن کي حراست ۾ وٺي جاچ جي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي واعدو ڪيو ته متاثر خاندان کي انصاف ملندو. هڪ مقتول جي وارث ملزمن کي معاف ڪيو جنهن بعد عدالت فيصلو ٻڌايو.

پهنجو تبصرو موڪليو