نئون ڪوٽ (پيارعلي نھڙيو ) سنڌ ڪولهي اتحاد جي چئيرمين رڻشال داس ڪولهي ڀڳت ماڌوران ڪولهي مهراج ڀڳوان داس جامعرام راضو ڪولهي ليلان ڪولهي ڀاڳيان ڪولهي جي اڳوڻي ۾ پريس ڪلب نئون ڪوٽ اڳيان ڪولهي برادري جي ماڻهن احتجاج ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ نصرت آباد اسٽيٽ مان 11 سالا معصوم نياڻي چندري ڌي مان سنگهه ڪولهي کي ڏنون ٽنگڙي نياز ٽنگڙي ۽ ٻيا هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي جڏهن ته نياڻي جي اغوا جي نئون ڪوٽ ٿاڻي تي ايف آئي آر به داخل ٿيل آهي پر پوليس اڃا تائين نياڻي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي اسان کي خدشو آهي ته جوابدار معصوم نياڻي کي ڪٿي قتل نه ڪري ڇڏين جيڪڏهن نياڻي پيار جو پرڻو ڪيو آهي ته ان کي عدالت ۾ ڇو نٿو پيش ڪيو وڃي هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آئي جي سنڌ ڊي آئي جي مير پور خاص کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽس وٺي هندو برادري سان انصاف ڪيو وڃي هوڏانهن ايس ايڇ او نئون ڪوٽ ٻڌايو ته اسان پهرين ڏينهن کان جوابدارن جي گهر وياسون پر هو گهر خالي ڪري ويا مختلف هنڌن تي ڇاپا به هنيا پر بعد ۾ خبر پئي ته ڇوڪري مسلمان ٿي ڏنو ٽنگڙي سان پيار جو پرڻو ڪيو آهي اسان عدالت ۾ پيش ڪرڻ لا ڪوششون ڪري رهيا آهيون.










