انصاف جو مستقبل

انصاف جو مستقبل

رحمت الله ٻرڙو
تازو هڪ علم دوست اهل عالم  دوستن جي وچ ۾ ويهڻ ۽ وڃڻ جو اتفاق ٿيو. اتفاق ته شيڊولڊ ئي هو پر هيء محفل ۽ اهل علم دوست عالمن جي منهنجي لاء ڪنهن اتساھ کان پڻ گهٽ ڪونه هئي. وڪالت،صحافت کان ويندي اهل علم عالم دوستن توڻي سرڪاري کاتن جي اهم عهدن تان ريٽائرڊ ۽ اهم منصبن جو مشاهدو رکندڙ  دوستن جي هيء محفل مون ناچيز لاء بلڪل به اهميت جي حامل هوندي هڪ انوکو ڏيک ڏيندڙ ۽ دلچسپي کان ٻاهر ڪونه  هئي. هن محفل جو عنوان پڻ (انصاف جو مستقبل)هو جيڪو بهپڻ ڪنهن تجسس کان پڻ گهٽ ڪونه هو. محفل جي بلڪل به آخر ۾ مونکي ويهڻ جو موقعو مليو ۽ هيء محفل 10 کان 15 ماڻھن تي مشتمل هئي ۽ هي سڀ شريڪ دوست اهل دانش ۽ اهل علم جي سطح کانگهٽ ناهن هوندا.  جڏهن تقريب جي شروعات ٿي ته هن تقريب جي اوپننگ مون جهڙي ناچيز کان ڪرائي وئي ۽ مون کي انصاف ۾ ڪيتري اميد هئي سا ته بيان  پڻ ڪئي سين،باقي انصاف جي مستقبل بابت مون جيڪي ويچار ونڊيا سي اهي هئا ته اسان جي عدالتي انصاف کان ويندي ادارتي اهلڪارن يا انتظامي عملدارن جا جيڪي به انصاف لاء رويا آھن يا رهيا آھن سي انصاف واري مهيا ڪرڻ واري ڌارا جي بلڪل به ابتڙ . ن ڪري لازمي آھي ته اسان جي ملڪي اهم ادارتي سربراهن ،عدالتي منصفن،سياسي ادارن جي سربراهن کان ويندي پارليامينٽ جي زميوار سربراهن کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.؟؟. بهرحال پروگرام جي شروعات ۾ ڳالهائيندي ڏاڍي ڏکيائيء کي Face ڪندي ڳالھ اتي بند ڪئي سين ته اهل سياست،اهل انتظامي سربراھن،۽ عدالتي منصفين کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ پنهنجي مستقبل لاء ڪم ڪرڻو آھي ۽ انصاف جي مستقبل کي بهتر ڪرڻو آھي ته پنهنجي ڪردارن ۾ شفافيت کان ڪم وٺڻو پوندو.؟؟ پاڪستان سطح جي سينيئر آفيسر ۽ سنڌ جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته اسان وٽ انصاف مهيا ڪرڻ واري رستي ۾ رڪاوٽ RULE OF LAW تي عمل نه ٿيڻ وڏو سبب آھي ،ان ڪري تازو مثال توهان لاء سنگاپور آھي جتي مڪمل طور رول آف لا تي عمل ٿئي پيو ۽ اتان جو عوام رياستي ادارن جي ڪارڪردگي مان مطمئن نذر اچي پيو جنهن جو ايمان آھي ته هنن کي رول آف لا تي عمل سبب انصاف بهتر نموني ملڻ جي اميد اٿن. هڪ ٻئي سينيئر ريٽائرڊ آفيسر جو چوڻ هو ته هتي قانون ٺاهيندڙ پنهنجي حق ۾ قانون ته بهتر ٺاهن ٿا پر قانون رياستي پس منظر ۾ عملي صورت ۾ بلڪل به ابتڙ نذر اچي ٿوجيڪو هڪ ٻٽو معيار پڻ آھي جنهن سان انصاف جو مجموعي طور بهتر تاثر پيدا ڪونه ٿيندو، ڇوته ماڻھن کي عام طور سالن پويان به انصاف ناهي ملي سگهندو جيڪا هڪ وڏي زيادتي آھي ۽ اتي اچي  Rule of Law ڪمزور ٿئي ٿو. اهڙي نموني سابق وزير قانون ۽ قانون جي استاد شريڪ پنهنجي خيالن جو اظھار ڪندي چيو ته اسان وٽ بگاڙ جي  تاريخ انتهائي  پراڻي آھي ۽ ان حوالي سان ايوب خان جي آمريت کان ويندي موجود دور تائين انصاف نه ملڻ ،انصاف جي رستي ۾ ڏکيائن جو سامهون اچڻ ۽ انصاف عام ماڻھن تائين نه پهچڻ جا سبب هڪ بگاڙ صورت ۾ سامهون رکيا جنهن بگاڙ کي استعمال ڪندي مٿين اليٽ ڪلاس انصاف جا پيرا ميٽرز جيڪي بيهاريا آھن سي پنهنجي جڳاڙ کي سڌو ڪرڻ لاء هڪ بگاڙ مان ٻيو ۽ ٽيون بگاڙ پڻ سامهون آندو جنهن ڪري Rule of Law ڪنهن بهتر صورت ۾ ڏسڻ وٽان نٿو اچي ان ڪري اسانجي انصاف جو مستقبل ڏاڍو  ڏکيو ۽ ڪمزور ٿو نظر اچي. اهڙي نموني مجموعي طور شريڪ دوستن جن جو تعلق وڪالت ،صحافت کان ويندي سياست ۽ عسڪري اداري جي ريٽائرڊ اهم زميوار جي به شرڪت هئي جن جو خيال هو ته اسان وٽ ادارا ۽ ادارن جا سربراھ پنهنجو انتظامي ،عدالتي ۽ پاليارماني ڪردار هونئن ته وڃائي چڪا آھن پر سندن سربراهيء هيٽ انصاف جو نه ملڻ ڄڻ ته ٻڌائي ٿو ته هتي Rule of Law پنهنجو اخلاقي قدر وڃائي چڪو آھي جنهن ڪري ادارتي سربراھ پنهنجو وقار بحال رکڻ ۾ ناڪام رهن ٿا جنهن جي ڪري اسان اوهان هن عنوان ته (انصاف جو مستقبل) بابت فڪرمند آھيون. هن محفل، تقريب يا ميٽنگ جو اصل روح جيڪو هو سو هن عنوان هيٺ ته (انصاف جو مستقبل. هاڻي جڏهن هن گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ اسان جي هن بي حس سماج مان اهل فڪر ۽ اهل علم ودانش حلقا ان موضوع انصاف جو مستقبل تي فڪر مند ٿي فڪري بحث ڪن ٿا ته اتي هن اهڙي معاملي تي اسانجي اهل اختيار ۽ اهل زميوار قيادتن کي به فڪر مند ٿي ڪري ادارن جي بهتر ڪارڪردگيء تي سوچڻ کپي ۽ اڳتي جا انتظامي،عدالتي،پارلياماني توڻي سياسي نمائندگيء تي انتهائي ڳورهو اڀياس ڪري  Rule of Law کي عملي صورت ڏئي اڳتي اچڻو پوندو. ٻي صورت ۾ اسانجي سماج جو عام ماڻھون جنهن کي مجموعي طور عوام به چئي سگهجي ٿو پنهنجو اعتماد رکڻ وڃائي ويٺو آھي جو هن کي عدالتن توڻي  سول ۽ عسڪري ادارن مان وقتائتو Rule of Law تي عملي صورت ۾ انصاف سالن تائين نه پهچڻ سبب ساک وڃائي ويٺو آھي. لازمي آھي ته سماج جا اهل فڪر ۽ اهل دانش و علم حلقا اهڙن موضوعن ۽ معاملن تي پنهنجي فڪر انگيز بحث ضرور ڪندا ته اسانجي معاشري ۽ ملڪ توڻي ادارن کي ڪهڙن ڪهڙن مسئلن کي درست ڪري اڳتي وڌڻو آھي جنهن سان رياست ۽ رياستي ادارن جي ساک کي بهتر نظر ۽ اميد سان ڏٺو وڃي. ان ڪري ملڪ جي فڪرمند سياسي قيادت،عسڪري قيادت،عدالتي قيادتن کان ويندي ملڪ ۽ صوبن جي اهم ادارتي سربراهن کي عوام جي ڏکن ۽ تڪليفن کي سامهون رکي ملڪي ادارن جا وقت جي گهرجن موجب پيراميٽرز ۽ اصول طئي ڪرڻا پوندا جنهن سان رول آف لا کي آئيني،قانوني ۽ انتظامي روح سان هلائڻ تي عمل ڪرائڻو پوندو،جي نه ته پوء هيء جيڪا مٿي ذڪر هيٺ ڳالهيون آنديون آھن سي تمام ڳڻتيء جوڳيون آھن جيڪي پڻ حل گهرن ٿيون.؟؟ انڪري اسان جي حڪومتي،ادارتي ۽ سياسي قيادتن کي اهم ڪردار ادا ڪندي مٿين فڪر انگيز ڳالهين تي عمل ڪرڻ لاء هڪ ٿيڻو پوندو۔ جي نه ته پوء هنن حالتن جا اڳتي زميوار اهل فڪر ۽ اهل دانش نه پر اهل اختيار ۽ اهل زميوار پڻ هوندا۔.

پهنجو تبصرو موڪليو