شاهد راڄپر
موجوده دور ۾ جيتري سائنس ترقي ڪئي آھي اوتروئي انسان تڪليف ۾ آھي ۽ انسانيت ۽ احساس ختم ٿيندو پيو وڃي نوشھروفيروز جي ڳالھ ڪندا آھن تہ ان ڏي جڏهن ڪو مريض ويندو هئو تہ ان مريض کان پڇندو هئو تہ پوئتي ملڪيت اٿئي ؟ اگر مريض چوندو هئس آھي تہ ان جو علاج ڪندو هئو ۽ اگر مريض چوندو هئس تہ ملڪيت ناهي تہ ان کي چوندو هئو بابا مون وٽ تنهنجو علاج ناهي ڇاڪاڻ تہ منهنجو علاج مهانگو آھي پر هاڻي الميو اهو آھي جو ڊاڪٽر مريض کان حالات پڇن ئي ڪونہ ٿا ۽ هزارين روپين جون دوائون بنا ڊئگنوس جي تجويز ڪري ٿا ڇڏين ۽ چوندا تہ اوھان کي وٺڻيون بہ ضرور آھن نوشھروفيروز ۾ ھڪ ڊاڪٽر آهي ENT ڊاڪٽر راشد حسين ميمڻ پهرين هڪ دوڪان ڪرائي تي هئس تہ مريضن جي سٺي نموني چڪاس ڪري ۽ بهترين رويي سان پيش اچي دوا ڏيندو هو ۽ هاڻي هڪ بنگلو ڪرائي تي وٺي فيس منهنگي ڪرڻ سان گڏوگڏ دوائون بہ هائي ڊوز ۽ ۽ هائي پرائيز واريون لکڻ شروع ڪيون آھن ان سان گڏ ملازمن جو تعداد وڌائي مريضن سان بہ ناروه سلوڪ ۽ ملازمن جي چوڻ تي ڪٿي ڪٿي غلط ميڊيسن بہ ڏئي شايد اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ مريضن وٽس پهچڻ کان پهرين سندس ملازمن جي چاپلوسي ڪن يا وري انهن جي شڪايت ساڻس نہ ڪن ۽ ائين بہ محسوس ٿئي پيو تہ سندس بنگلو اسپتال جو ڪرائو ڪا ٽين ڌر ادا ڪري پئي، ڏٺو وڃي تہ جيتريون بيماريون آھن ۽ اوتريون ئي ميڊيڪل ڪمپنيون آھن اسان وٽ الميو اهو آھي جو بنا تحقيق ۽ ڊائگنوس جي ڊاڪٽر مريضن لاء دوائون تجويز ڪن ٿا ۽ هڪ پرچي ۾ ٽي کان چار اينٽي بائيوٽڪ لکي رهيا آھن ڇاڪاڻ تہ هڪ نہ تہ ٻي ، ٻي نہ تہ ٽين۽ ٽين نہ تہ چوٿين اينٽي بائيوٽڪ ضرور اثر ڪندي جڏهن تہ گهڻي اينٽي بائيوٽڪ جي استعال سبب مريض جي مرض جي لمٽ وڌندي وڃين ٿي ان کان پوء مريض کي ڪٿان جي دوا بہ اثر نٿي ڪري ۽ مجبورن مريضن کي ٻاهر وڃڻو پوي ٿو ۽ اهو الميو اسان جي ننڍن شھرن ۾ گهڻو آھي ۽ عطائي ڊاڪٽر ۽ ڪجھ مفادپرست ايم بي بي ايس بہ ڪمپنين جي لالچ سبب ائين ڪن ٿا اينٽي بائيوٽڪ جي نقصانن جي باري ۾ جڏهن ڊاڪٽر امتياز اڄڻ کان تجويزون ورتيون تہ ان چيو تہ
اينٽي بائيوٽڪ ريسزسٽنس (Antibiotic Resistance) ان کي چئبو آھي جڏهن بيڪٽيريا پنهجي شڪل تبديل ڪري ۽ بيڪٽيريا پاڻ م صلاحيت رکي تہ جيئن (Antibiotic) ان کي ماري نہ سگهي ۽ ان بيماريء جي خلاف تہ ان کي (Antibiotic Resistance) چئبو آھي جيڪي بيڪٽيريا پنهنجي شڪل بدلائيندا آھن تہ بيمارين تي ڪنٽرول تمام ڏکيو هوندو آھي ۽ علاج ڪرائڻ باوجود ان مرض مان نجات حاصل ڪري ناهي سگهندو ۽ اگر علاج هوندو بہ آھي تہ اھو تمام گهڻو مهانگو هوندو آھي ۽ هر ڪنهن جي وس ۾ نہ هوندو آھي ۽ ڪافي حالات بدليل هوندا آھن هن وقت سڄي دنيا ۾ تمام گهڻو (Antibiotic Resistance) مسئلو بڻجي رهيو آھي ۽ سڄي دنيا جي (Researchers) تجربہ ڪندڙن ۽ (Scientist) سائنسدانن کي گهرجي تہ اهڙن بيڪٽيريائن جي خلاف ڪا نئين (Antibiotic) تيار ڪئي وڃي تہ جيئن انهن جراثيمن کي مڪمل ختم ڪري سگهجي ۽ مريضن کي بيمارين کان بچائي سگهجي ، Antibiotic) Resistance) تقريبن دنيا جي مڙني ملڪن ۾ ڦھلجي رهيو آھي ۽ هي هن وقت (Global Issues) دنياوي مسئلي طور ڪر کڻي رهيو آھي Antibiotic) Resistance) جي ڪري پوري دنيا ۾ ماڻهن توڙي جانورن تقريبن هر جاندارن جي نقصان ۾ شدت سان اضافو ٿي رهيو آھي هي نظر نہ اچڻ وارو اهم مسئلو هڪ تمام وڏو ۽ اهم مسئلو آھي (Pneumonia) ڦڦڙن جي سوڄ (T-B) ٽي بي (Blood Poisoning) جهڙن بيمارين ۾ تمام گهڻو ٿي رهيو آھي،
اينٽي بائيوٽڪ ريزسٽنس Antibiotic) Resistance) جا سبب هي آھن تہ
1 . تمام گهڻو اينٽي بائيوٽڪ Antibiotics جو استعمال ڪرڻ
2. ڊاڪٽرن Doctors جي (Prescripition) کان علاوه Antibiotic دوائن جو استعمال ڪرڻ ۽ واپرائڻ ،
3. خاص بيمارين جو ٺيڪ ۽ بهتر نموني چڪاسDiagnosis) نہ ٿيڻ جي Antibiotic Resistance ٿيندو آھي
4. بيڪٽيريا Bactaria پنهنجي شڪل کي تبديل ڪري ڇڏيندو آھي،
5. ڪنهن بہ وڌندڙ Viral بيماريء ۾ Antibiotic
اينٽي بائيوٽڪ جي استعمال سان دست، الٽي ، جسم يا پٺي تي داڻن جو نڪرڻ ، معدي جو خراب ٿيڻ ، جسم ۾ ڏڪڻي ٿي وڃڻ اهي تمام ڏکيا اثر آھن اينٽيبائيوٽڪ Antibiotic جي استعمال ڪرڻ جا ،بڪيء جو ڪم ڇڏي ڏيڻ ، جسم جي اندرين عضون جو خراب ٿيڻ ، آرام ۾ خلل ۽ آرام جو نہ اچڻ ۽ بيچيني يا ڪوما ۾ مريض جو هليو وڃڻ بہ Antibiotic جو ڪارڻ آھي،
احتاطی اپاء اينٽي بائيوٽڪ جي ريزيٽنس کان بچڻ لاء
1. ڊاڪٽر خاص (Diagnosis) بهتر چڪاس ڪري پوء بيماري جو علاج ڪري ۽ مريض کي (Antibiotic) ڏئي،
2، ڊاڪٽر خاص (Seminar) ڪرائي اينٽيبائيوٽڪ ريزيٽنس کان بچڻ جي لاء دوائون ۽ (Medicine ) ۽ مريضن کي (Awareness Program) آگاهي پروگرام ڪرڻ گهرجن جيئن اينٽي بائيوٽڪ ريزيسٽنس کان ماڻهون بچي سگهن ،
3. بهترنموني يا خاص اصلاح (Report) ڪري (Surveillance) جي ٽيم لاء ،
4، هروڀرو اينٽي بائيوٽڪ Antibiotic جو استعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي،
5. مريض کي گهرجي تہ جيڪا اينٽي بائيوٽڪ Antibiotic ڊاڪٽر ان لاء تجويز ڪئي آھي اهائي استعمال ڪري،
(Agriculture / Livestock Sector)
6. جانورن کي دوا جي لکت ۽ بيماريء جي چڪاس (Diagnosis) کان سواء دوا نہ ڏيڻ گهرجي ،
7. فارمر Farmer پنهنجي مرضيء سان فصلن جي ۽ جانورن جي بيمارين ۾ (Antibiotic ) کي استعمال نہ ڪرڻ گهرجي،
8. جانورن کي (Virus) کان بچاء جو ٽڪو خاص ٽائيم تي بيماري اچڻ کان اڳ ۾ لڳائڻ گهرجي تہ جيئن Antibiotic استعمال ڪرڻ جي ضرورت ئي نہ پوي يا استعمال ڪجي تہ گهٽ ڪجي،
9. جانورن ۽ پکين جي فارمن تي (biosecurity) ڪرڻ گهرجي تہ بيماري تي ڪنٽرول ٿئي ۽ بيماري ڦھلجي نہ سگهي،
10. جانورن ۽ پکين جي (Growth) واڌ ڪرڻ جي لاء Antibiotic کي فضول استعمال نہ ڪرڻ گهرجي،
ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) جي تحقيق (Reasarch) اينٽي بائيوٽڪ لاع دنيا جي ليول تي (Global Action Plan) گلوبل ايڪشن پلان ٺاهيو ويو آھي تہ جيئن بيمارين جي خلاف خاص بائيوميٽرڪ استعمال ڪجي تہ جيئن خاص بيمارين جو بهتر علاج ٿي سگهي ،
2. خاص تحقيق Research ۽ Sureveillance ڪرڻ گهرجي
3. اينٽي بائيوٽڪ Antibiotic جو گهٽ استعمال ڪرڻ گهرجي ،
4. بيماري Infection کي ڦھلجڻ کان روڪڻ گهرجي ،
5. کاڌ خوراڪ پاڻي کي محفوظ رکجي ورلڊ ھيلٿ آرگنائيزيشن جي معيار مطابق.










