بينظير، ساروڻيون ۽ اڄوڪي سياست

بينظير، ساروڻيون ۽ اڄوڪي سياست

نصير ميمڻ
ڀانئيان ٿو ته سن 2000ع جي ڳالهه آهي، تڏهوڪي صدر جنرل پرويز مشرف اقتدار تي قبضو ڪرڻ کان ستت پوءِ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. مان ان وقت مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار هئس. مرحوم عبدالرسول ميمڻ سان پاڻيءَ وارا معاملا سمجهڻ لاءِ هر ٻئين ٽئين ڏينهن ساڻس گهر ملڻ ويندو هئس. مون ان وقت ڪالا باغ ڊيم جي فني پاسن تي جهجهو مواد پڙهي ورتو هو. سنڌي اخبارن ۾ ته لکندو هئس پر انگريزيءَ ۾ لکڻ جو ڪو تجربو نه هو. ڊان ۾ ڪجهه ايڊيٽر ڏانهن خط ڇپيل هئا پر اڃان ڊان جهڙي اخبار ۾ مضمون لکڻ جو ست نه ساريو هئم. بهرحال ڪجهه ڪتاب ۽ مضمون پڙهي، واٽر انجنيئرنگ سبجيڪٽ بابت پنهنجي ڄاڻ جو استعمال ڪندي ڪالاباغ ڊيم بابت پنهنجي موقف کي فني دليلن سان لکڻ شروع ڪيم. ڪجهه ڏينهن اندر پهريون ڊرافٽ تيار ڪري سائين عبدالرسول ميمڻ کي ڏيکاريم، جنهن ڪجهه رهنمائي ڪري چيو ته هي مضمون ڊان اخبار کي موڪلي ڏي. ڊان کي اِي ميل وسيلي مضمون موڪليندي هٻڪيس پئي پر دل ٻڌي موڪلي ڏنم. هفتي کن اندر ڊان اخبار “اڪنامڪ اينڊ بزنس روِيو” واري سيڪشن ۾ سڄو سارو اڌ صفحو ڏيندي ان مضمون کي Is there enough water for Kalabagh Dam? جي عنوان سان نمايان ڪري ڇاپيو. ان مضمون جي زبردست موٽ ملي. مضمون ڇپجڻ کان ٻه ٽي ڏينهن پوءِ هڪ اِي ميل ملي، جنهن ۾ بظاهر محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پاران منهنجي مضمون تي شاباس ڏيندي چيو ويو ته مان ورلڊ بينڪ وارن کي هڪ خط لکڻ ٿي گهران ته اهي ڪالاباغ ڊيم منصوبي لاءِ جنرل مشرف جي حڪومت کي ڪابه فني يا مالي واهر فراهم نه ڪن. بينظير صاحبه اجازت گهري ته مان ان مضمون مان ڪجهه حوالا خط جو حصو بنائڻ ٿي گهران. مون پڪ سمجهيو ته ڪنهن دوست مون کي بيوقوف بنائڻ لاءِ اها اِي ميل هٿراڌو اڪائونٽ تان موڪلي آهي. ايئن ان اِي ميل جي ڪابه ورندي نه لکيم. ڪٿي بينظير صاحبه جهڙي شخصيت، ڪٿي مون جهڙو ننڍڙو ماڻهو! اجازت گهرڻ وارو کوڙو ئي نٿي لڳو.

اتفاق سان هڪ ڏينهن پوءِ حيدرآباد ۾ ڪٿي پيپلز پارٽي جو هڪ اڳواڻ ڪنهن پروگرام ۾ ملي ويو. مون دوستيءَ ۾ کيس گذارش ڪئي ته بي بي صاحبه جي نالي سان ماڻهو هٿراڌو اڪائونٽ ٺاهي هن قسم جون مشڪريون ڪن ٿا. ان اڳواڻ (نالو ياد نه اٿم) چيو ته جنهن ايڊريس تان اِي ميل آئي آهي، اها مون کي ٻڌائجانءِ ته ڏسي وٺنداسين. گهر پهچي کيس اِي ميل ايڊريس ميسيج ڪري موڪليم. ڪلاڪ کن ۾ فون ڪري چيائين ته بنا دير جي اِي ميل جي ورندي موڪل، هيءَ بينظير صاحبه جي ذاتي اِي ميل ايڊريس آهي. مون کي وري به يقين نه آيو پر ان دوست جي چوڻ تي مختصر ورنديءَ ۾ بي بي صاحبه جا ٿورا مڃيندي منهنجي مضمون جي حوالي ڏيڻ کي پنهنجي لاءِ عزت جو ڪارڻ ڄاڻايم.

هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ بينظير صاحبه جو ورلڊ بينڪ کي لکيل خط ملڪي اخبارن ۾ نمايان خبر طور ڇپيل هو ۽ پاڻ ان خط جي اصل ڪاپي به مون کي اِي ميل وسيلي موڪلي ڏنائون. ان خط ۾ بينظير صاحبه منهنجي اِي ميل ايڊريس پڻ ڄاڻائيندي ورلڊ بينڪ کي لکيو ته اوهان ان بابت ڪي وڌيڪ تفصيل ڄاڻڻ گهرو ته مون سان رابطو ڪري سگهو ٿا. اهو سچ ته مون لاءِ هڪ وڏو اعزاز هو. ان اهم ڳالهه جنهن بينظير صاحبه جي وڏائيءَ کي ظاهر پئي ڪيو ته پاڻ منهنجي مضمون کي حوالي طور استعمال ڪرڻ لاءِ مون کان رسمي طور اجازت گهريائين ته ورلڊ بينڪ کي لکيل خط ۾ منهنجو حوالو به شامل ڪيائين. اهڙا رويا تمام گهٽ ماڻهن ۾ نظر اچن ٿا.

ان لکپڙهه کانپوءِ بينظير صاحبه سان اِي ميل تي رابطو شروع ٿيو ۽ هڪ ٻن هفتن کانپوءِ ڪنهن نه ڪنهن معاملي تي رابطو ٿيندو هو. انهن ڏينهن ۾ عبدالرسول ميمڻ صاحب جو لاڏاڻو ٿيو ته بينظير صاحبه کي اِي ميل وسيلي اطلاع ڏنم. پاڻ مونکي جوابي اِي ميل لکيائون ته منهنجي پاران عبدالرسول صاحب جي پونئيرن سان تعزيت ڪري منهنجو نياپو پهچائجان. مون سندن هدايت تي عمل ڪيو.

ان وچ ۾ مان اسلام آباد ۾ هڪ آئل اينڊ گئس ڪمپني پريميئر آئل ۾ انٽرويو وسيلي سليڪٽ ٿي ويس ته يونيورسٽيءَ جي نوڪري ڇڏي اسلام آباد هليو آيس. 2001ع ۾ مان لاهور هڪ ٽريننگ لاءِ وڃي رهيو هئس. ڪنهن اِي ميل ۾ مون بينظير صاحبه سان ائين ڳالهه ڪئي ته مان ڪجهه ڏينهن لاءِ لاهور وڃي رهيو آهيان. مون لاءِ اها هڪ رواجي ڳالهه هئي پر سندن سوچ جي وسعت ان ۾ به هڪ موقعو ڏسي ورتو. مون کي اِي ميل ڪيائون ته پنجاب ۾ پ پ جا اڳواڻ ڪالاباغ ڊيم بابت سنڌ جي مؤقف کان گهٽ واقف آهن، لاهور ۾ انهن سان ملاقات ڪري کين پاڻيءَ واري معاملي تي سنڌ جو مؤقف سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريو. پاڻ هڪدم پ پ پنجاب جي تڏهوڪي صدر قاسم ضياءَ کي ان ڏس ۾ اِي ميل ڪندي منهنجو فون نمبر به موڪلي ڏنائون ۽ مون کي به اِي ميل تي ڪاپي موڪليائون. قاسم ضياءَ کي شاباس هجي جو مون کي ذاتي طور لاهور ايئرپورٽ تان وٺڻ آيو ۽ رات جي مانيءَ تي پ پ پنجاب جي ڏهاڪو کن اڳواڻن سان چار ڪلاڪ کن ويهڪ ڪرايائين، جنهن دوران پاڻيءَ واري معاملي تي مون کين سنڌ جي خدشن ۽ اعتراضن بابت تفصيل سان ٻڌايو. هنن ڪيترائي سوال پڻ ڪيا. واٽر انجنيئرنگ جيئن ته منهنجو سبجيڪٽ هو، تنهنڪري مون سندن سڀني سوالن جا جواب ڏنا. پ پ پنجاب جي قيادت بينظير صاحبه کي ان ملاقات بابت سٺي موٽ ڏني. پاڻ ان تي تمام گهڻي خوشيءَ جي اظهار واري اِي ميل پڻ مون کي موڪليائون. منهنجي لاهور وڃڻ واري اِي ميل ته شايد ٻاراڻي ڳالهه هئي پر پاڻ هڪ وڏي نظر رکندڙ اڳواڻ طور ان موقعي کي به سنڌ جي فائدي وٽان استعمال ڪيائون. ايتري سوچ پارٽيءَ جي هاڻوڪي قيادت وٽ پري پري تائين نه ملندي.

2005ع ۾ پرويز مشرف هڪ ڀيرو ٻيهر ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪيو. مان ان وقت ليڊ پاڪستان سان يو ايس ايڊ جي هڪ پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هئس. هڪ ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪنهن ميٽنگ ۾ هئس ته شهر جي ڪوڊ واري هڪ نمبر تان ڪال اچڻ لڳي. ڪال ڪٽيندو رهيس پر ڪال اچڻ بند نه پئي ٿي. نيٺ ميٽنگ مان ٻاهر نڪري ڪال کنيم ته اڳيان بينظير صاحبه جي پرسنل سيڪريٽريءَ ڳالهايو. چيائين ته اوهان ڪجهه سال اڳ ڪالاباغ ڊيم بابت ڊان ۾ جيڪو مضمون لکيو هو، اهو بينظير صاحبه گهرايو آهي، مهرباني ڪري ان جي ڪاپي ڏيو. اندازو ڪريو ته پنج سال اڳ لکيل اهو مضمون بينظير صاحبه کي ياد هو. پنج سال پراڻي اخبار مون وٽ نه هئي ۽ ان وقت ڊان جي ويب سائيٽ يا ان تي آرڪائيوز به موجود نه هئا. وڏي هڻ وٺ کانپوءِ ٻئي ڏينهن تي اهو مضمون اسلام آباد جي هڪ لائبريريءَ مان اخبارن جي پراڻن فائلن مان هٿ اچي سگهيو، جيڪو بينظير صاحبه تائين پهچايو ويو. اڳتي هلي بينظير صاحبه ڪمون شهيد وٽ ڪالاباغ ڊيم مخالف تاريخي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري ان رٿا کي دفن ڪرائي ڇڏيو. بينظير صاحبه 2007ع ۾ مختلف ملڪن مان ڪيترن ئي ماهرن کي ملڪ واپس آندو هو، جن سان هن ايندڙ ورهين لاءِ پنهنجي ٽيم ٺاهي هن ملڪ کي هڪ نئين دڳ لائڻ ٿي گهريو. بينظير صاحبه جي ورسيءَ تي اڄ اهي يادون ذهن تي تري آيون.

بينظير ڀٽو جي قتل سان نه رڳو ملڪ ۽ جمهوري عمل کي زبردست ڌڪ رسيو آهي پر خاص طور تي سنڌ کي هڪ وڏو نقصان ٿيو آهي. هونئن ته هڪ عالمي ۽ ملڪي سطح جي اڳواڻ طور سندس سياست جو دائرو گهڻو وسيع هو پر ساڻس ويجهو ٿي ڪم ڪندڙن وٽان بينظير ڀٽو سنڌ ۽ سنڌين جي اوسر بابت اڳڀرايون ڪرڻ بابت ڪيترائي حوالا ملن ٿا. ٿرڪول ۽ ڪيٽي بندر رٿا سنڌ جي ترقيءَ لاءِ هڪ زبردست رٿا هئي، جيڪا بينظير ڀٽو پاران شروع ڪئي وئي پر ان کي زمين تي پهچڻ کان اڳ نواز شريف حڪومت ختم ڪري ڇڏيو. اها رٿا سنڌ ۾ ترقيءَ جي عمل کي هڪ وڏو ڇال ڏئي ها پر ان کي عملي شڪل اختيار ڪرڻ نه ڏني وئي. بينظير صاحبه جيئن ته هڪ عالمي سطح جي اڳواڻ هئي، تنهنڪري ڪنهن به انتهائي نوعيت جي صورتحال ۾ سنڌ جي مفادن لاءِ عالمي سطح جو هڪ سگهارو آواز سنڌ وٽ موجود هو، جيڪو سندس شهادت کانپوءِ ختم ٿي ويو. بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ پيپلز پارٽي هڪ سياسي جماعت طور ته پنهنجي اسٽيبلشمينٽ مخالف ۽ وچولي طبقي جي ملڪ گير پارٽيءَ مان گهٽجي سنڌ سطح جي هڪ اهڙي جماعت ۾ بدلجي وئي، جيڪا عوام جي خدمت ۽ ترقيءَ بابت ڪارڪردگيءَ بجاءِ موقعي پرست گروهن جو مرڪز بڻجي چڪي آهي. هاڻي پارٽيءَ وٽ عوام سان ڳانڍاپو رکندي سندن زندگيون بدلائڻ واري سياست بجاءِ اسٽيبلشمينٽ سان بارگيننگ ڪندي اقتداري مفاد حاصل ڪرڻ جي اوليت آهي. گذريل پندرهن ورهين دوران سنڌ ۾ خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن کي هيٺ کان مٿي تائين عام ڪري پ پ سنڌ ۾ ترقيءَ جي عمل کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي. پارٽيءَ جو ڀاڳ ڀلو آهي، جو ان جي اڳيان ڪا مضبوط ۽ بهتر متبادل سياسي ڌر منظم ٿي نه اڀري سگهي آهي، نه ته اها ڪڏهوڪو ڪجهه تڪن تائين محدود ٿي چڪي هجي ها. نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ پنهنجي حڪومتن دوران سنڌ کان بنهه لاتعلقي اختيار ڪئي. ٻئي طرف سنڌ جون قومپرست ڌريون پاڻ کي ڪنهن گڏيل پارلياماني محاذ طور منظم نه ڪري سگهيون، جڏهن ته جي ڊي اي ۾ ويٺل ٻين ڌرين جو اقتداري ماضي پيپلز پارٽيءَ کان به بدتر رهيو آهي. نتيجي ۾ پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ سياسي طور کليل ميدان ميسر رهيو آهي. ان موقعي کي عوام جون زندگيون بهتر ڪرڻ بجاءِ پيپلز پارٽي خراب حڪمراني ۽ ڪرپشن جي ور چاڙهي ڇڏيو. سنڌ مان نون ساماڻيل وڏيرن کي مڙهي سنڌ ۾ اهليت ۽ قابليت جو جنازو ڪڍيو ويو آهي. شايد بينظير ڀٽو جي هوندي پيپلز پارٽي ڪا انقلابي جماعت نه بڻجي ها پر شايد هتي اڄ جهڙو انڌير به نه هجي ها. گذريل آدم ڳڻپ ۾ جيئن فراڊي انگ اکر قبولي پ پ سنڌ واسين سان ويساهه گهاتي ڪئي، شايد سنڌ خلاف ايڏو ڪرائيم نه ٿي سگهي ها. شايد بينظير جي هوندي شفيق مينگل، سرفراز بگٽي ۽ فيصل واڍي جهڙا ڪردار پارٽيءَ ۾ جاءِ نه والاري سگهن ها. بينظير ڀٽو جي هوندي به پيپلز پارٽي اقتداري سياست جون مصلحتون ۽ موقعي پرستون نه ڇڏي سگهي ها پر شايد هيٺ ڪِرڻ جي حد جو ڪو ليڪو هجي ها. هاڻي ته پ پ قيادت سڀ ليڪا مِٽائي ڇڏيا آهن

هي آرٽيڪل پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو