رحمت الله ٻرڙو
ملڪي سياست جو تازي سياسي صورتحال ۾ جائزو وٺبو ته جيڏانهن ڪر نگاھ تيڏانهن صنم سامهون واري محاوري وانگر سامهون آصف علي زرداري ڏسڻ ۾ اچي پيو..!! هاڻي ان هيڏي وڏي سياسي صورتحال ۾ آصف زرداريء جو ايئن سامهون ٿي اچڻ جا ڪهڙا سبب آھن انهن تي ڳالهائڻ ئي اسان جي هن موضوع جو حصو آھي. ڪنهن چيو ته آصف علي زرداري کي سمجهڻ لاء سياست ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ ضروري آھي!! وري ڪٿي ڪنهن چيو ته آصف زرداري سڀ تي ڀاري. اهڙي طرح سان آصف علي زرداري تي سندس مخالفن جا طرحين طرحين جا الزام ته ههڙو آھي ۽ هيڏو وڏو ڪرپٽ آھي وغيره. ڪن کان رهيو ڪونه ڪنهن زماني ۾ مسٽر هنڊريڊ اينڊ ٽين پرسينٽ جو لقبن سان پئي ميڊيا وار ڪئي.!! ان کان علاوه ڪن اهي به الزام هنيا تو ته تو سنڌ وڪي زرداري،تو سنڌ کپائي زرداري وغيره وغيره۔۔۔۔هاڻي ڳالھ اچي ٿي اتي ته انهن سڀني ڳالهين جي باوجود مجموعي طور انهن مٿين الزام تراشين کان ويندي سياسي بغض ۽ سياسي عناد جي بنياد تي جيڪي به ڳالهين زرداري مخالفت ۾ ڪيون ويون انهن مٿين الزام تراشي ڪندڙ ڌريون ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان آصف علي زرداريء جا ساٿاري رهيا آھن مصلحتن ،اتحادي بنيادن،سياست ۽ اقتدار جي بنياد تي يا ڪجه ٻين سبب جي ڪري ڪجه سڌي ۽ ڪجھ اڻ سڌي لحاظ کان فيض به وٺندا رهيا ۽ ڪجه خاموشيون ۽ اڻ سڌي طرح به۔۔۔ننڍڙو مثال سنڌ جا پيپلز پارٽي مخالف دانشور هجن يا اديب انهن ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان جڏهن خاموشي جو روزو رکيو پئي ته اهو ڇا هئو ان جا ڪهڙا سبب هئا!!؟؟سنڌ جي سياست ۽ اقتداري ڪاريڊور کي نشانو بنائيندڙ اهل دانش ۽ اهل سياست اهو نٿا پيا ڄاڻن ته سنڌ تي 15 سالن کان وزير اعلي جي صورت ۾ قائم علي شاھ ۽ مراد علي شاھ حڪومت ڪئي ۽ مجموعي طور سنڌ ڪابينا ۾ ته ظاهري طور ۽ ريڪارڊ طور هڪ به زرداري ڪونه هيو سواء ادي عذرا پيچوهو جي جيڪا آصف علي زرداري جي ڀيڻ هئي پر سندس وزارت پويان ڇڏيل ڪم سڀ جي سامهون آھي. اهڙي نموني سنڌ جي قومپرست پارلياماني سياست جي حامي ڌرين جو پ پ پ پ مخالف اتحادين سان خاموش ٿي گڏ ويهڻ وارو ڪهڙو سبب هو؟؟اياز لطيف پليجو صاحب زرداري مافيا زرادي مافيا چوندو رهيو پر سندس گهر ۾ سسئي پليجو صاحبه کان ويندي ٺٺي ۾ شيرازين ۽ حيدرآباد ۾ چانڊيو،ڄام خان شورو وغيره لاء ڪونه ڳالهايائين ۽ هن وڃي جي ڊي اي جو حصو ٿي سنڌ ۾ خاموش اتحاد جو ترجمان پڻ هو!!! اهڙي طرح سان جي ڊي اي اڳواڻ به ڄڻ ته وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏجي اليڪشن ۾ گڏ ته ٿين ٿا ڪنهن نه ڪنهن جي اشاري ۽ آسري تي پر پوء گذريل پنڌرنهن سالن ۾ هنن جي ڪارڪردگي خاموشيء جو حصو بنجي وڃي ٿي!!؟؟ اهڙي ئي نموني پ پ پ پ مخالفت ۾ ڪجھ سالن مولانا خالد محمود سومرو جو فرزند ارجمند راشد محمود سومرو تمام ڀلي سنڌ جي سياست ۾ فرنٽ لائين تي کيڏي پيو پر افسوس جو سندس مرڪزي قيادت ان حوالي سان سندس جو ساٿ ڪونه پئي ڏئي ۽ آئي ڏينهن مرڪزي سياست ۾ پيپلز پارٽيء جي سياسي گهٽ پر اقتداري بنيادن تي اتحادي ٿي ٿي بيهي ۽ پوء اهي سنڌ جي يو آء جا لانگ مارچ پيپلز پارٽي مخالفت ۾ سنڌ ۾ هجن يا مٿي مرڪز تائين عمران مخالفت۾ هجن انهن جو نتيجو سنڌ ۽ سنڌ جي عام کي يا جي يو آء سنڌ کي تمام گهٽ ڇا پر نه هجڻ برابر پڻ ٿيو!!! هوڏانهن ميان نوازشريف جهڙا پ پ پ پ مخالف جيڪي قسمين قسمين الزام تراشيون ڪندڙ ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي گذريل ڏينهن بيان موجب ته نوازشريف جو حڪومتي دور پ پ پ ڪارڪنن لاء ڪنهن آمريت کان گهٽ نه هو !!! واري صورتحال رهي آھي آصف علي زرداري جي شخصيت سان ۽ سندس سياست سان.!! اهي به هڪ وقت آيو مجبور ٿيا ن ليگ وارا ۽ شهباز حڪومت ٺھي ئي آصف علي زرداري جي جوڙ توڙ سان.!! ان سموري صورتحال ۾ اڄ به ور جڏهن نواز ليگ سنڌ ۾ نوان گهوڙا ڊوڙائي پيپلز پارٽي مخالفت گهٽ پر بغض آصف زرداري ۾ سنڌ ۾ لاٿا آھن ۽ هو سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ جي خواب پويان آھن تن وٽ سواء حڪومت ۾ اچڻ جي عوامي رليف جي ڪا ايجنڊا نذر ڪونه پئي اچي سواء ان جي ته اسان حڪومت ٺاهينداسين وغيره.!! سندن کي سموري سنڌ مان هڪ تيغو خان تيغاڻي نذر آيو ۽ سردار ياسر ٻٻر پڻ۔۔!!سنڌ ۾ هن وقت به نوازليگ کي تنظيمي ڪم ڪرڻ لاء فقط بشير ميمڻ ۽ کيئل داس ڪوهستاني ئي آھن جي جي خود سيٽ تي بيهڻ وڏو مسئلو آھي ۽ پ پ پ پ مخالف ۽ بغض آصف زرداري ۾ رسا ڇنايون وڃن ٿا سنڌ گهمندا.!! اهڙي نموني عمران خان کان ويندي جاويد هاشمي جهڙي سياسي ڏاهي جو چوڻ آھي ته آصف زرداريء جي سياست کي سمجهڻ لاء پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي پڻ ضرورت آھي !!! آصف زرداري جي اجائي چاپلوسي ڪرڻ کان بچڻ ۽ سمجهڻ جي باوجود مان بحيثيت هڪ قلمڪار سمجهان ٿو ته سنڌ ته ڇا پر وري ملڪي سياست جي موجوده صورتحال ۾ آصف علي زرداريء ج سياسي حڪمت عملي انتهائي بهتر پڻ آھي بنسبت ٻين سياستدانن جي… سنڌ مان اهي ماڻھون جن وٽ هن وقت به وڏي سياسي عوامي قوت آھي پر انهن جي خاموشي انتهائي سمجھ کان ٻاهر آھي يا هو وري ڪنڀر جي آسري تي ته دلو ٺاهي ته اونهاري جو ٿڌو پاڻي پيئون جي ڪنڀر ئي ان وقت نتيجو ابتڙ ڪڍي ته پوء۔۔۔!؟؟سو ڪم ڪرڻ وارو هميشھ ڀاري هوندو آھي ۽ آصف علي زرداري جنهن جي تربيت ۾ محترما بينظير ڀٽو صاحبه جو ڪيترو حصو آھي مونکي خبر ناهي پر مان اها ڳالھ وڏي دعوي سان ڪندس ته آصف علي زرداري جي سياسي حڪمتي عملي ۽ سياسي چال چلت مان لڳي ٿو ته سندس والد گرامي حاڪم علي خان جي تربيت اثر آھي۔خير هن وقت گذريل ڏينهن ميان نواز شريف چوي ٿو ته ڪم اسان ڪيون ۽ ووٽ ڪنهن ٻي کي ملي،ڪراچي ۽ چترال وارا ٻڌائن اها ناانصافي نه آھي.!! اهڙي طرح سان آصف زرداري چوي ٿو ته ويڙھ سان ڪنهن کي ڪجھ نه ملندو ، عوام ساٿ ڏئي ته مان سڀني کي سنڀالي وٺندس. اهي مٿيون ڳالهين هن اليڪشن ماحول ۾ هر ڪنهن جيون پنهنجي پنهنجي رخ ۽ انداز ۾ آھن پر ان جي باوجود به آصف زردري چوي ٿو ته ويڙھ سان ڪنهن کي ڪجه نه ملندو اهو سڀني مخالف ۽ حامي سياسي ڌرين ڏانهن ۽ اسان جي سلامتيءواري ادارن ڏانهن هڪ سٺو ميسيج پڻ آھي. ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ مٿين هڪ ٿي اڳتي وڌڻ ۽ جهيڙو نه ڪرڻ واري آصف زرداريء جي ڳالھ انتهائي سنجدگيء ۽ غور طلب پڻ آھي جي نه ته جيڪا بلوچستان جي صورتحال کان ويندي سنڌ جي ادارتي ۽عوامي اهنجن جي صورتحال آھي سان ڪنٽرول ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ٿي پوندي!!؟ آصف علي زرداري جون ڳالهيون ۽ مستقبل جي سياسي حڪمتي عملي جيڪا به آھي سان لازمي آھي سنڌ ۽ خاص طور ملڪ جي سياسي ماحول جي ڳوري اڀياس تي هوندي جنهن لاء هن سرفراز بگٽيء کي پارٽيء ۾ ڀليڪار ڪندي چيو آھي جهيڙا يا اختلاف قومن جي مسئلن جو حل ناهن هوندا۔ان بنياد تي ۽ انهن ڳالهين جي بنياد تي آصف علي زرداري جيڪو سنڌ جي سياست تي ڪنهن سياسي عروج ۽ سياسي معراج کان گهٽ واري صورت ۾ ناهي سو تنهن کي پنهنجي پارٽيء جي پنڌرنه سالا صورتحا کي سامهون رکي عوامي ڀلائيء ۽ ادارن جي بهتري لاء ڪم ڪرڻ کپي.؟؟ ٻي صورت ۾ سندس سامهون ڪوبه سياسي مقابلي باز ڪونه ايندو ۽ ايندو ته ان کي آصف علي زرداريء جهڙو سياسي دل گردو کپي.










