وزير اعلي سنڌ ڏانهن کليل خط

وزير اعلي سنڌ ڏانهن کليل خط

رحمت الله ٻرڙو
نگران لفظ ئي ڪافي آھي ،جنهن جو پنهنجو مان ۽ مقام آھي ته ڪو ڪنهن جو نگران پڻ آھي .سولي سنڌيء ۾ نگران کي سنڀاليندڙ به چيو ويندو آھي.سو اسان جا وقتي وڏا وزير اسان هن وقت تنهنجي عارضي حڪومت جي رعيت پڻ آھيون.اوهان ڪيٿرا مستقبل ۾ رهو ٿا اهو فيصلو اوهان کي به ناهي ڪرڻو .پر جن مستقبل جو فيصلو ڪري اوهان کي سنڌ جو نگران وڏو وزير ڪيو آھي تن جو هاڻي شايد وس نٿو هلي جو هو هاڻي تنهنجي حڪومتي رعيت جو حصو آھن!!
اي۔ سنڌ جا نگران۔۔۔
هو ۽ ان سميت سموري سنڌ هن وقت ڪشمور کان ڪراچيء ۽ ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين سنڌ جي تباھ ٿيندڙ زراعت تي سراپا احتجاج بڻيل آھن۔
اي اسان جا وس وارا وڏا وزير..!!
تنهنجي زندگي انصافي درن تي منصف واري اڳ ۾ رهي آھي ۽ تنهنجي سڃاڻپ جسٽس واري هن وقت به آھي پر وڌيڪ ڳالهين ۾ ڪونه ٿا وڃون ته اسان جي سنڌ واسي مسڪين ماڻھن سان اوهان جي حڪم هيٺ ھلندڙ ڪرپٽ ڪامورا شاهي ڇا ڇا نه ٿي ڪري..!!؟؟ ننڍڙو مثال اوهانجي ئي ايڪشن جو آھي ته جيڪو اوهان سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوکائيء ۾ زرعي ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ تي پڻ کنيو.
سنڌ جا نگران سائين ۔۔۔۔
سنڌ جو ننڍو وڏو هاري، آبادگار ۽ زميندار، سياسي توڻي سماجي نمائيندو سنڌ ۾ زراعت جي تباهيء واري اشوز تي سراپا احتجاج بنيل آھن۔ سنڌ جو سمورو سياسي ۽ سماجي توڻي زراعت سان وابسطا حلقا گهرن پيا ته سنڌ جي زراعت توجھ جي طلبگار آھي؟؟ايتري قدر جون هر شهر جو چوراهو،پريس ڪلبن جا فرنٽ لائين روڊ رستا ۽ اخبارنتوڻي ٽي وي چينلز جون بريڪنگ نيوز ۽ اهم خبرون زراعت سان ٿيندڙ زيادتن خلاف ۽ زراعت کاتي جي ڪرپٽ مافيا جي نااهليء سبب پيدا ٿيندڙ زرعي ڀاڻ جي بحران ۽ بليڪ مارڪيٽنگ خلاف احتجاججون خبرون پڻ آھن.!!
اي سنڌ جا نگران محترم۔۔!!
اسانجو جو سنڌ ۾ وڏو وزير به تون آھين ،وزير زراعت به ته وري وزير خوراڪ کان ويندي مختلف صوبائي وزارتن جي درجن کان مٿي وزارتن جو قلمدان تو وٽ پڻ آھي ۽ تتوهان سنڌ جي مڙني مسئلن جا دانهن ورنائڻ جا زميوار به آھيو۔؟؟ اي منهنجي مٺڙي سنڌ جا عارضي نگران بڻيل وڏا وزير سائين..!!!وڌيڪ لکڻ خط لکڻ جو مقصد فوت ٿي سگهي ٿو پر منهنجي به مجبوري آھي ته اڄ کان 25 سال پهريان ماڻھون پنهنجي گهر جو احوال ۽ گهر ڏانهن احوال گهڻو کلندا هئا ۽ اهو احوال روح سان لکبو هو ۽ جتي گهر ڀاتين يا گهر ڏانهن موڪليل خط ايڊريسي کي ملندو هو ته اهو روح سان پڙھبو هو ۽ ان کي ڪڏهن ڪڏهن بار بار به پڙھبو هو.!!
اسانجي مٺڙي سنڌ جا سڄڻ سائين ۔۔۔
اوهان پنهنجي سڃاڻپ ۾ سڌا ۽ کرا ٻڌا ويا آھيون ان ڪري اڄ هتي هڪ سڌي ڳالھ ڪبي ته،سنڌ جي زراعت تباھ حال آھي پر سنڌ جي سن آف سائول زميوار ڪامورن کي ڪابه ان جي پرواھ ناهي!!؟؟ سيڪريٽري زراعت هجي يا ،ڊي جي زراعت توسيع جيڪو ٽن مهينن کان سيٽ تي ناهي ۽ سنڌ زرعي ڀاڻ ۽ جي کوٽ جون دانهون پئي ڪري،ڊي جي امپليمنٽس ايگريڪلچر هجي يا ڊائريڪٽرز ايگريڪلچرز هر ڊويزن سميت هجن يا ڪجه ٻيا زميوار جيڪي زرعي پاليسين تي عمل ڪندي زراعت جي بهتري لاء ڪم ڪن سي سڀ جا سڀ ڌرتيء جا پٽ ٿا سڏائن يعني سن آف سائول۔۔!!!هنن کي يا ڪنهن ٻي کي اوهان ۽ مون تي به سن آف سائول جو شڪ ٿي سگهي ٿو پر هو پاڻ کي ڌرتي ڄاوا ٿا سڏائن پر هنن سالن کان سنڌ جي زراعت جو جيڪو حشر ڪيو آھي سو اوهان جي سامهون آھي ڪلهوڪي اوهان جي ورتل اپاء سميت!!!
اي اسان جا زميوار نگران سائين۔۔
هن سنڌ جي مٽيء سان جنهن مٽي ٿي روح سان خدمت ڪئي آھي اهو سنڌ جي مٽيء پهنجي روح ۾ سمائي وڌو آھي جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائيء کان ويندي سچل سائين سميت عثمان مروندي لعل قلندر سائين جن آھن سي مانائتي مهندار طور سڃاتا وڃن ٿا ۽ هو اسان جا SON OF SOUL ڪونه هئا پر هنن هن ڌرتيء سان نڀايو ۽ پاڻ ملهائي مٽيء سان مٽي ٿي اسان لاء مانائتا ٿي ويا۔۔۔اڄ اها صورتحال توهان سان به آھي ته اسان سان به؟؟ اسان کي پاڻ ملهائڻ کپي ته سنڌ جي هن صورتحال ۾ خدمت ڪجي..!!
اي سنڌ جا نگران محترم….
سنڌ جو ماڻھون مالوند به ته آبادگار به ۽ جي سکيو توڻي ستابو به آھي ۽ هو ڪنهن به فهم سان سلهاڙيل آھي ۽ هو سن آف سائول آھي ته هو درياھ جي نديء ۽ سامونڊي سير کان به صدا اها ٿو هڻي ته يار زمين تي هلبو،ڳوٺ هلي پوک کي ڏسبو مطلب زراعت ،پوک پلاء ۽ ٻني ٻارو۔۔۔۔۔
اڄ ڪرپٽ مافيا کان ويندي نا اهل زراعت کاتي جي اعلي اختيارين سنڌ جي زراعت جو اهو حال ڪيو آھي جو سڌ جي موجوده ڪڻڪ وکائيء ۾ ڀاڻ بليڪ تي ٿو ملي سو به اڻ لڀ پڻ ٿي ويو آھي۔۔۔۔
سنڌ ۾ غير معياري ٻج توڻي زرعي دائون اڻ رجسٽرڊ ڪمپنين جون ٿيون هلن۔۔۔پر ڪو ڪنٽرول ناهي..!! انهن سڀني ڳالهين کي اوهان نگرانن جي سامهون رکون ٿا اهو هاڻي سامهون مسئلن کي رکڻ منهنجو فرض آھي ۽ مان ڪيترو سن آف سائول آھيان مون کي ثابت ڪرڻ جي همت ناهي منهنا سائين۔۔۔اڄ سنڌ جو روحاني پٽ سنڌي ڪوبه اسان جي عوامي نمائندگي ڪندي ترجماني حڪومت ۾ ڪونه ٿو ڪري۔۔۔۔اسان وٽ ڪا واٽ ڪونهي جو اسانجو جو ڪو سنڌي وزير زراعت هجي۔۔۔۔۔۔اسان وٽ ته ڪو سنڌي آء جي به ڪونهي جو امن جي ضمانت ڏئي ۽ ايئن ئي اسان جي سنڌ جي انچ انچ جي نمائيندگي ڪندڙ ڪو سن آف سائول چيف سيڪريٽري به ڪونه هن وقت ايئن ئي اسان جو داد فرياد ۽ سن آف سائول زراعت کاتي جي ڪامورن جي ڪرپٽ مافيا سنڌ سان ٿيندڙ زياتين جا زميوار اوهان آھيو اوهان ۾ بهترين اميدون آھن ته سنڌ جي تباھ ٿيندڙ زراعت کي بهتر ڪرڻ لاء تڪڙا اپاء وٺندا يا سنڌ ۾ ٿيندڙ بد انتظام ڪاريء تي ڪنٽرول ڪري پاڻ ملهائيندا ته هي سراپا احتجاج بنيل سنڌ توهان ۽ توهانجي آل واقبال لاءِ دعاڳو هوندي۔۔
واڌو هٿ ادب۔۔۔
سنڌ واسي۔۔۔۔۔سمورا

پهنجو تبصرو موڪليو