اڪ دريا ڪا سامنا ٿا منير مجه ڪو

اڪ دريا ڪا سامنا ٿا منير مجه ڪو

طفيل مگسي
سقراط جي ويجهو اعلي شاعري ۽ اعلي موسيقي سماج کي بدلائي ڇڏڻ جون طاقتون رکن ٿيون.انهن ٻنهي صنفن علم وادب جي شاگرد هئڻ جي حيثيت سان مون جهڙي ادني لکندڙ اھو ڏٺو آھي ته ڪيئن شاعري ۽ موسيقي سماج تي اثر انداز ٿين ٿا.اسان جي آس پاس وارن ترقي يافته ملڪن جي لازوال ترقي ۾ انهن جي شاعري.موسيقي ۽ آرٽ جو به وڏو ھٿ رهيو آھي.ساڳئي ريت برصغير ۾ به انهن ٻنهي صنفن معاشري کي ڪافي ڪجه ڏنو آھي.يعني هڪ سٺو شعر.هڪ سٺو گيت ڪنهن وڏي انقلاب جو پڙاڏو بڻجي سگهن ٿا.وڏو شعر اهو هوندو آھي جيڪو اڄ چيو وڃي ته گذريل ڪالھ واري تاريخ۽ اچڻ واري سڀاڻي جي ڄاڻ ڏيئي.۽ مابعد الطبيعيات ۾ ملڻ واري حقيقت کي ننگو ڪري ڇڏي.سٺي موسيقي اها هوندي آھي جيڪا اوهان کي پنهنجي ٽرانس ۾ وٺي وڃي ۽ اوهان جي ان پل ۾ ملڻ واري ڪيفيت کي بدلائي ڇڏي.هڪ جملي ۾ سٺي موسيقي جي تعريف ڪريو ته سٺي موسيقي دنيا جو آخري جادو سڏبي. اوهان جي دلچسپي جي لاء شعرن ۾َ استعمال ٿيڻ وارن ڪجه شاعري جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو. مثلا شراب يا نشو.بي انتها محبت جا اشارا آھن. ميڪدو.مادي دنيا جو اشارو آھي. ساقي.خدا جواشارو آھي. برباد ٿيندو.تباه ٿيندو.بي پناه علم ۽ ڄاڻ جا اشارا آھن.
اهي اشارا عمومي مجازي کان حقيقت جي معنائن ۾ استعمال ڪيا ويندا آھن.۽ اھو سڀ ڪجه مجازي هوندو آھي.۽ جيستائين مجازي کي حاصل نٿو ڪري سگهجي تيستائين حقيقي تائين پهچ حاصل نٿي ٿيئي. غالب جو شعر هڪ تاريخ بيان ڪري رهيو آھي.ماضي جي تاريخ ۽ مستقبل جو نقشو چٽي يا ڇڪي رهيو آھي.ان دور ۾َ مسلمانن جي علمي ۽ مادي بحالي کي پهرين مصري ۾ بيان ڪري پئي ۽ بيڪار مستقبل جي نشاندهي ڪئي وئي آھي. اهو مجاز کان حقيقي ڏانهن سفر آھي.هر نتيجو مابعد الطبيعيات هوندو آھي.۽ دعوي.تجزيو.سفر ۽ مجازي جو رستو ۽ مادي بڻجي وڃي ٿو.نتيجي جا نتيجا وري\پوء مابعد الطبيعيات هوندا.جيڪي وري دعوي ۽ تجزيا بڻجي وڃن ٿا.ان ريت هڪ سرڪل هلندو رهي ٿو .ليڪن گرم سچ پاڻ سچ جو ٽڪراء آھي. ڪو به سچ سدائين سچ نٿو رهي ۽ ڪو به ڪوڙ سدائين ڪوڙ نٿو رهي.ٻئي مستقل طور تي چرپر ڪن ٿا ۽ بدلبا رهن ٿا.سچ به ٻار جيترو آھي ۽ ڪوڙ به ٻار جيترو آھي.ٻنهي منجهان جيڪو هڪ به سماج ۾ ھوندو .ان جو نسل وڏو ٿيندو. غالب چئي ٿو ته اوهان جيڪي بهتري جا رستا اختيار ڪندا ته يقينن ان جا نتيجا به بهتر ملندا.پر جيڪي ڪم.ڪچن بنيادن تي ڪيا ويندا .انهن جا نتيجا پختا يا پڪا نه هوندا. پاڪستان جا ڪرتا ڌرتا گذريل پنجهتر سالن کان امريڪا ۽ ان جي پيراسائيٽ ادارن کان ملڪ ۽ عوام جي نالي تي قرض وٺي ڪري عياشيون ڪري رهيا آھن.جنهن جو نتيجو اوهان جي سامهون آھي ته انهن قرضن کان نه ملڪ ۽ نه ئي عوام.کي ڪو فادو رسي پيو.جنهن جو جيڪو نتيجو اوهان جي سامهون آھي.حقيقت ۾ ڪو آخري ناهي بلڪ اڃا ڀيناڪ.خوفناڪ ۽ خطرناڪ نتيجا موجوده نتيجن کان به وڌيڪ چٽا ٿيڻ وارا آھن.جيڪي پاڻ سان گڏ ملڪ ۽ عوام جي لاء سٺو سنوڻ ثابت نه ٿيندا. هڪ رياست جي حيثيت سان بيشڪ اوهان ٻين رياستن کان مدد وٺي سگهو ٿا.ليڪن هڪ شيء جنهن کي اسٽيٽس ڪو سڏين ٿا جي لاء قرض وٺي ڪري رياست هلائي نه سگهندو.جيڪڏھن پاسو درست نه هوندو ته قرضن کان وڌيڪ وياج اوهان کي ضرور ختم ڪري ڇڏيندو.
اصل ۾ اوهان جي رياست ۾ ڪوڙ وڌيڪ مڙھيل آھي.ان ڪري هن ٻار ڄڻي ڄڻي ڪري پنهنجو نسل تمام گهڻو وڌائي ڇڏيو آھي.جنهن جي نتيجي ۾
اڪ اور دريا ڪا سامنا ٿا منير مجه ڪومين ايڪ دريا ڪي پار اترا تو ميني ديکا.ڪوڙ جا ٻار رياست نٿا هلائي سگهن يعني مسئلا نٿا حل ڪري سگهن.ڇوته ڪوڙ ڳالهائي ڪري اوهان هڪ نئين لعنت ۾ گهيرجي وڃو ٿا.پوء ھڪ لعنت کان نڪرڻ جي لاء اوهان ٻين ٽين وري اڻڳڻين ذلتن ۾ لهندا وڃو ٿا.ائين سمجهو ته اوهان جتي پير رکو ٿا اها جڳھ چڪڻ بڻجي وڃي ٿي. ملڪيت جي لذت ۽ چسڪو به هڪ ذلت آھي.۽ ان ۾ ھڪ جاگيرداري به آھي.جاگيرداري جي نئين شڪل ڊي.ايڇ.اي.فارم هائوسز.انعامي زمينون آھن.جن کي رياست جا محافظ بندوق جي زور تي وٺي يا قبضا ڪري رهيا آھن. انهيء ڪوڙ حقيقت ۾ رياست جو بيلنس خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو آھي.۽ ڪوڙ کي عوام جي صورٽ وٺڻ جي لاء وحشي مذھبي طبقو ان ٽولي جو رستو صاف ڪري ٿو ۽ نتيجي ۾ ثمر حاصل ڪري ٿو. انعام ۾ رياست يارهن ڪينال زمين مسجد جي لاء الاٽ ڪري ٿي .ليڪن پرولتاريا کي يارهن انچ زمين ڏيڻ به گناه ڪبير سمجهي ٿي.يعني هڪ ڊوڙ لڳي پئي آھي.هڪ نفسانفسي جو ميدان ڏيک ڏيئي پيو.اوهان هر سال ٻه لک ٻار پيدا ڪيو ٿا ته پنجاه هزار مدرسن جي لاء وقف ٿيندا آھن.مذھبي هئڻ .مسجد ومدرسن جو هئڻ ڪا بري ڳالھ ناهي.بري ڳالھ اھا آھي ته توهان ٻين جي آزادي تي لانگ بوٽ نه رکي ڇڏيو.ٻين کي زبردستي پاڻ جهڙو بنائئڻ شروع نه ڪيو.پر جيڪو اوهان جهڙو نٿو بنجڻ چاهي ان تي ڪفر جون فٿوائون نه مڙھيو. جيڪڏھن اهو عمل بنا مقصد ۽ مطلب جي خدا جي رضا جي لاء ھجي ته خير آھي.ليڪن ائين بلڪل ناهي.بلڪ اهو سڀ رياست جي چوڻ تي ٿي رهيو آھي.ڇوته رياست قانون ئي اهڙا ٺاھي رکيا آھن. رياست اهو سڀ ڪجه ان لاء ڪري ٿي ته سماج ۾ ڪوڙ جو نسل وڌيڪ آهي ۽ طاقتور ٿي چڪو آھي.سچ جو نسل گهٽ ۽ ڪمزور آھي.۽ رياست پنهنجي بقا جي لاء انهيء کي بحيثيت رستو ڇونڊي ڇڏيو آھي. پرولتاريا کي پنهنجا حق گهرجن يا کپن ته سٺي شاعري ۽ موسيقي ٻڌن ۽ سمجهن ته جيئن انقلاب جو رستو صاف ٿي سگهي ..

پهنجو تبصرو موڪليو