مير ذوالفقار چانڊيو
معاشري کي بھتر ۽ ترقي يافتہ بنائڻ لاءِ پنھنجي پڙھندڙن جي لاءِ ڪجھ بھترين ڳالھيون پيش ڪجن ٿيون جنھن کي پڙهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان يقينن معاشري ۾ بھتري اچي سگھي ٿي گفتگو جي دوران بدتميزي نہ ڪندا ڪريو،ھر وقت پنهنجي غصي کي قابو ۾ رکو،ھميشہ ٻين سان ڀلائي ڪندا ڪيو، پنھنجي پاڻ تي وڏائي ۽ تڪبر نه ڪريو، ھميشہ ٻين جون غلطيون خطائون معاف ڪندا ڪريو،ادب واخلاق جي دائري ۾ رھندي ھميشہ ماڻھن سان آھستي ڳالهائيندا ڪريو، پنهنجو آواز آھستي رکندا ڪريو، غريبن سميت پاڻ کان گھٽ حيثيت وارن ماڻهن تي کِلون ٽوڪ مذاق نہ اڏاريندا ڪريو،ھميشہ والدين جي خدمت ڪندا ڪريو جنھن سان ٻئي جھان روشن ٿي ويندا، والدين جي اجازت کانسواء ڪو ڪم نہ ڪيو ايتري قدر جو انھن جي اجازت کان بغير انهن جي ڪمري ۾ داخل نه ٿيو،اگر توھان جو ڪو قرضي مشڪل وقت مان گذري رهيو آھي تہ ان کي ادائگي لاء وڌيڪ وقت ڏئي ڇڏيندا ڪريو جيئن ان جي تڪليفن ۾ ڪمي اچي سگھي، وياج نہ کائو،رشوت نہ وٺو، واعدو نہ ٽوڙيو،ٻين تي اعتماد ڪندا ڪريو جنھن سان بھتري اچي سگهي ٿي، سچ کي ڪوڙ ۾ نہ ملائيندا ڪريو،ماڻھن جي وچ ۾ انصاف قائم ڪندا ڪريو جيئن سڀ ڪجھ بھتر ٿي سگهي،انصاف جي لاء مضبوطي سان اٿي بيهندا ڪريو، مرڻ واري جي دولت ان جي سڀني گھر ڀاتين ۾ ورھائي ڇڏيندا ڪريو،عورتون بہ ورھاست ۾ حصيدار آھن،يتيمن جي جائيداد تي قبضو نہ ڪندا ڪريو،يتيمن جي حفاظت ڪريو،ٻين جو مال ضرورت کانسواء خرچ نہ ڪندا ڪريو،ناراض ماڻهن جي وچ ۾ صلح ڪرايو جيئن امن قائم رھي سگھي،بدگماني کان بچو، گلا نہ ڪريو ،جاسوسي نہ ڪريو،خير خيرات صدقات ڪندا ڪريو،غريبن مسڪينن کي کاڌو کارائيندا ڪريو، ضرورتمندن کي تلاش ڪري انهن جي مدد ڪندا ڪريو،فضول خرچي نہ ڪندا ڪريو فضول خرچي معاشري کي تباه ڪري ڇڏيندي آهي، خيرات ڪري ٻڌائيندا نہ ڪريو ھڪ ھٿ سان ڏيو تہ ٻئي ھٿ کي خبر نہ پوي، آيل جو آڌر ڀاءُ ۽ مهمانن جي عزت ڪندا ڪريو، نيڪي پھرين پاڻ ڪريو پوءِ ٻين کي ھدايت ڪريو جيئن عمل ڪرڻ واري کي آساني ٿي سگهي،زمين تي برائي نہ پکيڙيو،
ماڻھن کي مسجد ۾ داخل ٿيڻ تي نہ روڪيندا ڪريو،جنگ جي دوران جنگ جي آدابن جو خيال رکو، جنگ جي دوران پٺي نہ ڏيو،مذھب ۾ ڪابہ سختي ناهي، عورتن سان حيض وارن ڏينهن ۾ ميل جول نہ ڪريو،ٻارن کي ٻن سالن تائين ماءُ جو کير ضرور پياريو،جنسي بدڪاري زناڪاري کان بچو،حڪمرانن کي ميرٽ تي منتخب ڪريو جيڪي توهان جي خدمت ڪري سگھن،ڪنهن کي ان جي طاقت کان وڌيڪ بار نہ رکو،ڪائنات جي تخليق ۽ عجائبات جي گهرائيء ۾ غور ڪريو،عورتون ۽ مرد پنهنجي عملن جو هڪ جيترو حصو وٺندا،چونڊيل رت جي رشتن ۾ شادي نہ ڪندا ڪريو،مرد کي خاندان جو سربراھ ٿيڻ کپي،ڪنجوس نہ ٿيو بلڪہ دل جا سخي بڻجي رھو،ساڙ حسد نہ ڪريو،هڪٻئي کي قتل نہ ڪريو،دوکي( دوکيباز ) جي وڪالت نہ ڪريو،گناه ۽ شدت ۾ ھڪٻئي سان تعاون نہ ڪريو، نيڪي ۾ ھڪٻئي جي مدد ڪريو،صحيح سڌي رستي تي هلو،جرم جي سزا ڏئي مثال قائم ڪريو جيئن اڳتي جي لاءِ جرم نہ ٿي سگهن، گناه ۽ ناانصافي جي خلاف جدوجهد ڪندا رهو، مرده جانور ۽ سور جو گوشت حرام آھي، شراب ۽ ٻين نشي وارين شين کان پرهيز ڪريو، جوا نہ کيڏو، هيرا ڦيري نہ ڪريو،چغلي نہ هڻو، نماز جي وقت سٺا ڪپڙا پايو،توهان کان جيڪي ماڻھون مدد ۽ تحفظ گهرن انهن جي حفاظت ڪريو ۽ انهن جي مدد ڪريو،طهارت ۽ پاڪائي قائم ڪريو،کائو پيئو پر فضول خرچي نہ ڪريو، الله جي رحمت مان ڪڏهن بہ مايوس نہ ٿيو، الله تعالىٰ نادانستگي ۾ ڪيل غلطيون معاف ڪري ڇڏيندو آھي، ماڻهن کي دانائي ۽ سٺي هدايت سان الله تعالىٰ جي طرف سڏيو،ڪو بہ شخص ڪنهن جي گناهن جو ٻوجهہ نہ کڻندو،غربت جي خوف ۾ پنهنجي ٻارن کي قتل نہ ڪريو ڇو تہ رزق جو ذمو الله عزوجل پاڻ کنيو آهي،جن جي باري ۾ ڄاڻ نہ هجي ان جو پيڇو نہ ڪريو،لڪيل شين کان پري رهو انھن کي)کوٽيندا نه ڪريو)اجازت کان بغير ٻين جي گهرن ۾ داخل نہ ٿيو ،الله عزوجل جي ذات تي توڪل ۽ يقين رکڻ واري جي حفاظت ڪندو آهي، زمين تي عاجزي سان هلو ڇو تہ اِن زمين جي اندر توهان کي ھزارين سال رھڻو پوندو،دنيا مان پنهنجو ڪم پورو ڪري وڃو، الله تعالىٰ جي ذات ۾ ڪنهن کي شريڪ نہ ڪريو،صحيح (سچ) جو ساٿ ڏيو ۽ غلط کان پرهيز ڪريو،زمين تي آڪڙجي نہ هلو، عورتون پنهنجي جسم جي نمائش نہ ڪن، الله تعالىٰ شرڪ ۽ ڪفر کان سواء ٻيا گناہ معاف ڪري ڇڏيندو آھي،برائيءَ کي ڀلائيءَ سان ختم ڪريو،فيصلا پاڻ ۾ صلاح مشوري سان ختم ڪندا ڪريو،توهان ۾ اهو وڌيڪ عزت وارو آھي جيڪو وڌيڪ پرهيزگار آھي،الله علم وارن کي مقدم رکندو آھي،غير مسلمانن سان مهرباني ۽ اخلاق سان پيش ايندا ڪريو، پاڻ کي لالچ کان بچايو ڇو تہ لالچ بري بلا آهي،الله تعالىٰ کان معافي گهرو ”اهو معاف ڪرڻ ۽ رحم ڪرڻ وارو آھي،جيڪو سائل توهان جي اڳيان هٿ جهلي گهري ان کي خالي نہ موٽايو ڪوشش ڪريو تہ انھن ڳالھين سان گڏوگڏ معاشري جي بھتري جي لاءِ جيڪي سٺا ۽ بھترين ڪم ھجن انھن تي عمل ڪيو جيئن معاشري کي بھتر کان بھتر بڻائي سگھجي معاشري جي بھتري سان ترقي ٿيندي آهي










