ڳڙهي ياسين(شفيق مهر) اينٽي ڪرپشن شڪارپور جي سرڪل آفيسر عبد الوهاب ٻرڙو جو ٽائون ڪاميٽي ڳڙھي ياسين آفيس تي ڇاپو، 2011 کان 2016 تائين جو رڪارڊ ضبط ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جعلي ڀرتين، ڪوڙين ترقياتي اسڪيمن، اڌ ۾ رهيل ترقياتي منصوبن جن کي مڪمل ڄاڻائي عملي ۽ ٺيڪيدارن ملي ڀڳت ڪري پئسا هضم ڪيا آهن، انهن جو به رڪارڊ قبضي ۾ ورتو ويو آهي. ٽائون جي عملي ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ ڪيترا ملازم اينٽي ڪرپشن وارن کي ڏسي آفيسون ڇڏي کسسڪي ويا.











