20 کان وڌيڪ مغوين جي وارث جو بازيابي لاءِ احتجاج

20 کان وڌيڪ مغوين جي وارث جو بازيابي لاءِ احتجاج

غوثپور (ن س) غوثپور۔ ضلعي ڪشمور جي مختلف شھرن مان اغوا ٿيل ويھ کان وڌيڪ مغوين جي بازيابي لا۽ شھر جي ھندو برادري جي اڳواڻ ۽ پئنچايت جي صدر مکي سريش لال تلريجا۔ چوڌري سڌامچند۔ منوھر لال۔ پ پ مينارٽي ونگ جي اڳواڻ پريمچند مارواڙي۔ ڪائونسلر برج لال۔ نارائڻ ناز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھر جي مکي پاڙي کان مئن بس اڏي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پوليس جي نااھلي خلاف دانھون ڪيون۔ احتجاج ۾ شھر جي سول سوسائٽي طرفان ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڪشمور پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي ڌاڙيل ڪلچر ختم ڪرايو۔ پوليس جي رٽ بحال ڪرايو۔ امن ڏيو يا استعيفا ڏيو جا نعرا ھڻيندا رھيا۔ ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته پورو ضلعو ڏوھارين حوالي ڪري عوام کان سڪون کسيو ويو آھي۔ جنھن سبب سنڌ جا قديم رھواسي سنڌي ھندو لڏ پڏاڻ شروع ڪري ڏني آھي جيڪو ھڪ افسوسناڪ عمل آھي۔ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پنجن معصوم ٻارڙن سميت سمورن اغوا ٿيل مغوين کي بازياب ڪرائي امن بحال ڪريو۔ڪچي جي ڏوھارين خلاف فوجي آريشن شروع ڪرايو وڃي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو