تعليم کاتي ۾ ڪرپشن،29 ملازمن جي ضمانت رد،جيل حوالي

لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو)  اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي اسپيشل جج ٽريزري ۽ تعليم کاتي جي  29 آفيسرن ۽ ڪلارڪن سميت ننڍن ملازمن کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي. لاڙڪاڻي جي اينٽي ڪرپشن عدالت پاران تعليم کاتي ضلعي جيڪب آباد ۾ جعلي آرڊر ڪڍي ڪرپشن ڪرڻ واري ڪيسن  ۾ 4 عورتن سميت تعليم ۽ ٽريزري جي 29 ڄڻن کي ضمانتون رد ڪري جيل موڪلي ڇڏيو آهي. جن ۾ تعليم کاتي جي “اي ڊي او” عبدالجبار دايو، تعلقه آفيسر حافظ شڪور  ۽ ڊي اي او  گل حسن انڙ،  صادق ۽  مسمات غزالا ٿهيم، مسمات  عنبرين ، مسمات عابده،  ٽيزري  آفيسر محمد علي منگي،  فداحسين  جمالي ۽ ٻين ملي ڀڳت ڪري ريٽائر ٿيندڙ ملازمن جي پينشن واري رقم ۾ گهپلو ڪيو  هو ۽ ڀرتين جا رشوت عيوض ڪوڙا آردر جاري ڪيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو