لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي اسپيشل جج ٽريزري ۽ تعليم کاتي جي 29 آفيسرن ۽ ڪلارڪن سميت ننڍن ملازمن کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي. لاڙڪاڻي جي اينٽي ڪرپشن عدالت پاران تعليم کاتي ضلعي جيڪب آباد ۾ جعلي آرڊر ڪڍي ڪرپشن ڪرڻ واري ڪيسن ۾ 4 عورتن سميت تعليم ۽ ٽريزري جي 29 ڄڻن کي ضمانتون رد ڪري جيل موڪلي ڇڏيو آهي. جن ۾ تعليم کاتي جي “اي ڊي او” عبدالجبار دايو، تعلقه آفيسر حافظ شڪور ۽ ڊي اي او گل حسن انڙ، صادق ۽ مسمات غزالا ٿهيم، مسمات عنبرين ، مسمات عابده، ٽيزري آفيسر محمد علي منگي، فداحسين جمالي ۽ ٻين ملي ڀڳت ڪري ريٽائر ٿيندڙ ملازمن جي پينشن واري رقم ۾ گهپلو ڪيو هو ۽ ڀرتين جا رشوت عيوض ڪوڙا آردر جاري ڪيا هئا.










