31 مئي تي عمران خان جي پيشي، هاءِ ڪورٽ جو سرڪيولر جاري

31 مئي تي عمران خان جي پيشي، هاءِ ڪورٽ جو سرڪيولر جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي 31 مئي تي امڪاني پيشي جو اسلام آباد هاءِڪورٽ سرڪلر جاري ڪندي آئي جي ۽ ضلعي انتظاميه کي سيڪيورٽي انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي تفصيل مطابق عمران خان جي ڪچي ضمانت بابت ڪيس جي ٻڌڻي 31 مئي منجهند 2 وڳي ٿيندي ٻين ڪيسن ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت تي ٻڌڻي 31 مئي ڏينهن جو اڍائي وڳي ٿيندي ڪورٽ روم نمبر 3 ۾ وڪيلن ۽ صحافين جو اچڻ خاص پاس جي ذريعي ٿيندو سرڪلر مطابق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا ملازم عدالتي حملو، خصوصي پاس کان آجا هوندا عمران خان سان گڏ 15 وڪيلن کي عدالتن جي ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت هوندي اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس مان 10 وڳي عدالت جي ڪمري ۾ وڃي سگهندا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي 30 ميمبرن کي عدالت جي ڪمري ۾ وڃڻ جي اجازت هوندي انتظاميه کي خاص پاس ۽ ڊپارٽمينٽ ڪارڊ رکندڙن کي عدالت جي احاطي مان نه روڪڻ جي هدايت ڪري ڇڏي اهي خصوصي پاسز رکندڙ ماڻهن کي عدالت جي ڪمري نمبر هڪ ۾ وڃڻ جي اجازت هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو