ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي دهلي يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل نصاب مان پاڪستان جي قومي شاعر علامه محمد اقبال سان لاڳاپيل مضمون هٽائڻ جي فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب بي اي جي نصاب مان غير ورهايل ڀارت جي مشهور قومي تراني ”ساري جهان سي اُش هندستان ہمارا“ جي خالق ۽ نظريي پاڪستان جي خالق علامه محمد اقبال تي لکيل مضمون کي هٽايو ويو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب علامه اقبال تي لکيل مضمون بي اي جي ڇهين سيمسٽر ۾ ”ماڊرن انڊين پوليٽيڪل هوٽ“ جي عنوان سان چيپٽر جو حصو آهي.دهلي يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جي عهديدارن نصاب مان مضمون خارج ڪرڻ جو متفقه ٺهراءُ پاس ڪندي چيو ته اهو معاملو هاڻي يونيورسٽي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل آڏو پيش ڪيو ويندو، جيڪا حتمي فيصلو ڪندي.يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جي ميمبر موجب پوليٽيڪل سائنس جي نصاب ۾ تبديلين جي حوالي سان ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو هو، جنهن موجب نصاب مان ”اقبال: ڪميونٽي“ جي عنوان کي هٽايو ويو آهي.هن جو چوڻ آهي ته پوليٽيڪل سائنس جي نصاب ۾ 11 يونٽ آهن جن جو مقصد انفرادي مفڪرن ذريعي اهم موضوع پڙهائڻ هو، جن مان هڪ جو عنوان هو ’اقبال: ڪميونٽي‘، جنهن کي نصاب مان ڪڍيو ويو آهي. هن جي مطابق، نصاب ۾ اها تبديلي ان کي جديد بڻائڻ جي ڪوشش جي سلسلي ۾ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته، رام موهن راء، پنڊيتا رامابائي، سوامي وويڪانند، مهاتما گانڌي ۽ ڀيم رائو امبيڊڪر سميت ٻيا مفڪر نصاب جو حصو آهن.










