ڪابل(ويب ڊيسڪ) هڪ اهم پيش رفت ۾، افغان طالبان جي سپريم ليڊر، ملا هيبت الله آخوند، مولوي عبدالڪبير کي نگران وزيراعظم ۽ ڪابينا جو عبوري سربراهه مقرر ڪيو آهي. آخوند اهو اعلان طالبان حڪومت جي موجوده سربراهه ملا محمد حسن آخوند جي خراب صحت سبب ڪيو. ذريعن موجب افغان وزيراعظم ملا محمد حسن آخوند عيد جي موڪلن دوران قنڌار ويو هو ته کيس دل جو دورو پيو هو ۽ 45 ڏينهن گذرڻ باوجود هو صحتياب نه ٿي سگهيو ۽ ٻيهر ذميواريون نڀائي نه پيو سگهي. طالبان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد تصديق ڪئي آهي ته قائم مقام وزيراعظم مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهي ۽ آرام ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين مقرر ڪيل وزيراعظم جو تعلق حقاني نيٽ ورڪ سان آهي ۽ سندن فرمائش تي مقرري ٿي آهي. حقاني نيٽ ورڪ جا پاڪستان سان بهتر لاڳاپا رهيا آهن ۽ افغان سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي روڪڻ ۾ به مدد ملندي.










