ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست نيو جرسي ۾ شهاب ثاقب جي برسات دورن هڪ گهر ۾ تاري جو ٽڪڙو ڪريو آهي. گهر ۾ ان وقت ڪو به موجود نه هو، ڇت ڦاڙي گريپ فروٽ جي برابر جو اهو ميٽل جو ٽڪڙو فرش تي ڪريو ته ڪاٺي جو فرش به متاثر ٿيو. پوليس ان مادي جو جائزو وٺڻ بعد انکي عير نقصانڪار قرار ڏيندي نيو جرسي جي ايسٽرو فزسٽ کي طلب ڪيو ۽ اهو ميٽل سندن حوالي ڪيو ويو.










