ڪورونا جا وڌيڪ 40 ڪيس رپورٽ، ڪراچي ۾ 2 مريض فوت

ڪورونا جا وڌيڪ 40 ڪيس رپورٽ، ڪراچي ۾ 2 مريض فوت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 40 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. صحت بابت قومي اداري(اين آءِ ايڇ) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي رپورٽ ٿيندڙ مثبت ڪيسز جي شرح 1.03 سيڪڙو رڪارڊ ٿي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 3 هزار 881 ٽيسٽ ڪيا ويا. جن مان 40 ڄڻن جا نتيجا مثبت رڪارڊ ٿيا جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر 18 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. اين آءِ ايڇ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران لاهور ۾ ڪورونا جا 376 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 14 مريضن جا نتيجا مثبت آيا ۽ شرح 3.72 سيڪڙو رهي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 269 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان صرف 2 ڄڻن جا نتيجا مثبت رڪارڊ ٿيا ۽ شرح 0.74 سيڪڙو رهي. هوڏانهن گلگت ۾ 24 ڪلاڪن دوران 129 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1 جو نتيجو مثبت آيو ۽ شرح 0.78 سيڪڙو رڪارڊ ٿي. گوجرانوالا ۾ 354 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا اتي به هڪ شخص ۾ ڪورونا مثبت آيو ۽ شرح 0.28 سيڪڙو رڪارڊ ٿي. صحت واري قومي اداري موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب متاثر 2 مريض فوت ٿي ويا. ٻنهي مريضن جو تعلق ڪراچي سان هو.

پهنجو تبصرو موڪليو