جج کي رشوت ڏيڻ جي الزام ۾ شعيب شيخ گرفتار

جج کي رشوت ڏيڻ جي الزام ۾ شعيب شيخ گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايگزيڪٽ جعلي ڊگري ڪيس ۾ سزا مليل شعيب شيخ کي ايڊيشنل سيشن جج کي رشوت ڏيڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.شعيب شيخ کي ايف آءِ اي اسلام آباد مان گرفتار ڪري ورتو، شعيب شيخ ايف آءِ اي جي نوٽيس باوجود پيش نه ٿي رهيو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايت تي ايف آءِ اي شعيب شيخ کان جاچ ڪري رهي هئي، شعيب شيخ تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج پرويز القادر ميمڻ کي رشوت ڏيڻ جو الزام هو. ايگزيڪٽ جعلي ڊگري ڪيس ۾ سزا يافته شعيب شيخ طرفان جج کي 50 لک رپيا رشوت ڏيڻ جا ثبوت سامهون آيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو