اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي ٿيل باهه ۽ ڏفيڙ ڪرڻ جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي 6 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر عباس سپرا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جوابدارن الزام رد ڪري ڇڏيو، هن ڪيس ۾ 42 جوابدارن تي اڳ ئي فرد جرم لاڳو ٿي چڪي آهي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 3 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن خلاف شمس ڪالوني ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،










