لاهور: (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي انت واري عدالت ٽن ڪيسن ۾ عمر ايوب، اسد عمر ۽ فواد چوڌري سميت 36 جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 9 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عسڪري ٽاور حملي، شادمان پوليس اسٽيشن جلسي گاهه سميت 9 مئي جي ٽن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، اي ٽي سي جي جج خالد ارشد جوابدارن جي عبوري ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ پيشي مڪمل ڪئي.اڳوڻو وفاقي وزير اسد عمر اڄ به عدالت ۾ پيش نه ٿيو، جڏهن ته سندس وڪيلن حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.بعد ۾ عدالت 9 مئي سانحي جي ٽن ڪيسن ۾ عمر ايوب، اسد عمر ۽ فواد چوڌري سميت 36 جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 10 آگسٽ تائين واڌ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.واضح رهي ته جوابدارن خلاف گلبرگ ٿاڻي ۽ شادمان ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهن.










