راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي سانحي جي 12 ڪيسن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ شاهه محمود جي ضمانت منظور ڪري ورتي.دهشتگردي ٽوڙ جي خاص عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف ضمانت جو فيصلو ٻڌايو، پي ٽي آءِ جو وڪيل شيراز احمد رانجها عدالت ۾ پيش ٿيو.پراسيڪيوشن جي مهلت جي درخواست رد ڪئي وئي.عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سمورن 12 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي.عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي خلاف راولپنڊي جي مختلف ٿاڻن ۾ ڪيس داخل آهن.










