لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 9 مئي جي ڪيس ۾ غير حاضر جوابدارن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 9 مئي سان لاڳاپيل ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت پيش نه ٿيڻ تي 2 ڪيسن ۾ 8 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.عدالت خديجه شاهه جا جناح هائوس ۽ عسکري ٽاور حملي ڪيسن ۾ وارنٽ جاري ڪيا، جڏهن ته جناح هائوس حملي ڪيس ۾ جوابدار عمران ۽ فائزه عظمت جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا. ان کان علاوه، عسڪري ٽاور حملي ڪيس ۾ جوابدار عثمان، احمد مرسلين، حمزه سهيل ۽ محمد خالد جا وارنٽ جاري ڪيا ويا. جناح هائوس ڪيس ۾ جوابدار عبدالرزاق ۽ جوابدار صفدر خلاف پراسيڪيوشن جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.










