9 مئي ڪيس: خان ۽ قريشي مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

9 مئي ڪيس: خان ۽ قريشي مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) 9 مئي جي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 6 فيبروري جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي.دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي خلاف 9 مئي بابت ڪيسز جي اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي کي عدالت جي آڏو پيش ڪيو ويو. جتي پي ٽي آءِ باني جج کي چيو ته 9 مئي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان منهنجي غيرقانوني گرفتاري ڪئي وئي، مون کي انصاف ڏيڻ جي بجاءِ منهنجي خلاف انتقامي ڪيس داخل ڪيا ويا.پوليس پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي خلاف 9 مئي سانحي دوران 12 ڪيسن جا چالان پيش ڪري ڇڏيا جن ۾ جي ايڇ ڪيو حملو، ڳجهي اداري تي حملو به شامل هئا. اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد جي خلاف به چالان پيش ڪيا ويا.عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي کي ڪيسن جي ڪاپي ڏيندي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 6 فيبروري جي تاريخ مقرر ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.ياد رهي ته 9 مئي بابت عمران خان جي خلاف 12 ۽ شاهه محمود قريشي جي خلاف 6 ڪيس داخل ٿيل آهن ۽ ٻنهي انهن ڪيسن جي سلسلي ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪري رکي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو