9 مئي واقعا: اسد عمر ۽ قريشي کي جاچ ٽيم آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم

9 مئي واقعا: اسد عمر ۽ قريشي کي جاچ ٽيم آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم

لاهور )ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اسد عمر ۽ شاهه محمود قريشي کي 9 مئي سانحي جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج اعجاز احمد اسد عمر ۽ شاهه محمود قريشي جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت اسد عمر ۽ شاهه محمود قريشي کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏيندي سندن عبوري ضمانت ۾ 21 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي.ان موقعي تي شاهه محمود قريشي 3 ڪيسن ۾ ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد عدالت ۾ عبوري ضمانت لاءِ درخواستون پڻ داخل ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو