9 مئي جي واقعن ۾ پي ٽي آءِ سياسي طور تي مري وئي

9 مئي جي واقعن ۾ پي ٽي آءِ سياسي طور تي مري وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ پي ٽي آءِ سياسي طور تي مري وئي ۽ نئين پارٽي استحڪام پاڪستان پارٽي جنم ورتو.هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته مان 2 سال سياست کان پري رهيس، پارٽي ۽ چيئرمين جنهن بيان سان هلي رهيا هئا، ان سان گڏ بيهڻ نه ٿي چاهيو فردوس عاشق اعواڻ چيو ته سياسي مخالفن کي نشانو بڻائڻ دوران هوءَ پٿر وانگر ساڻس گڏ بيٺي هئي پر جڏهن بندوق جو رخ پاڪ فوج ڏانهن ڪيو ته مون کي خاموش رهڻو پيو ۽ پاسي تي ويهڻو پيو.سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي عدم استحڪام ۽ هڪ ٻئي لاءِ نفرت آهي، 9 مئي جي واقعن ۾ شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو