لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ 9 مئي تي شيرپائو پل ۽ باهه لڳڻ واري ڪيس جي جيل ٽرائل مڪمل ٿي چڪو آهي، ۽ فيصلو اڄ ڪوٽ لکپت جيل ۾ ٻڌايو ويندو.لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج ارشد جاويد ڪوٽ لکپت جيل ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران، جوابدارن جي وڪيلن ۽ سرڪاري وڪيل پنهنجا آخري دليل ڏنا. عدالت چيو ته ڊاڪٽر ياسمين راشد جو وڪيل صبح 10 وڳي وڌيڪ دليل ڏيندو، جنهن کان پوءِ فيصلو ٻڌايو ويندو.عدالت شاهه محمود قريشي سميت 14 جوابدارن جو ٽرائل مڪمل ڪري ورتو آهي.جوابدارن خلاف 61 سرڪاري شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن، ۽ ڪيس سرور روڊ پوليس اسٽيشن تي درج ڪيو ويو آهي.










