ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ هلندڙ سال 2026ع جي شروعاتي 8 مهينن (4 جنوري کان 8 آگسٽ) دوران ارڙي (خسرہ)، خناق (ڊپٿيريا) ۽ تشنج (ٽيٽنس) وگهي ٻارن جي فوتگين بابت نگران ادارن ۽ صحت کاتي جون حيرت انگيز رپورٽون سامھون آيون آهن. جاري ڪيل انگن اکرن موجب، ان عرصي ۾ ارڙي سبب 63، خناق سبب 20 ۽ تشنج سبب 5 ٻار فوت ٿي چڪا آهن. رپورٽ موجب صوبي اندر ارڙي جا 8 هزار 32 ڪيس رڪارڊ ٿيا جنهن مان 3 هزار 123 ڪيسن جي تصديق ٿي، جڏهن ته خناق جا 57 ۽ تشنج جا 20 تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ان کان سواءِ صوبي جي 15 مختلف ضلعن ۾ اڙي جا 53 آئوٽ بريڪس رڪارڊ ڪيا ويا. ٻارن جي فوتگين جي معاملي ۾ خيرپور ضلعو سرِفهرست رهيو، جڏهن ته دادو، لاڙڪاڻو، ڪراچي ايسٽ، سکر، ٺٽو، بدين، شڪارپور ۽ مٽياري پڻ متاثر اضلاعن ۾ شامل آهن. محڪمه صحت ۽ عالمي اداري صحت (WHO) جي رپورٽ ۾ اهو انڪشاف به ٿيو آهي ته متاثر ٿيل 55 سيڪڙو ٻار اهڙا هئا جن کي 9 مهينن کان وڏي عمر هجڻ باوجود حفاظتي وئڪسين جو هڪ به ٽپو يا خوراڪ نه ڏني وئي هئي. رپورٽ ۾ ڊي ايڇ اوز جي 100 سيڪڙو ڪارڪردگيءَ جي حڪومتي دعوائن تي سوال اٿاري آزاداڻي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.










