8 مهينن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 44 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ

8 مهينن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 44 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پرڏيهي سيڙپڪاري بابت تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، فيبروري 2026 ۾ پرڏيهي سرمائي جو مقدار 186.7 ملين ڊالر هو. ملڪ جي خانگي شعبي کي فيبروري ۾ 135.5 ملين ڊالر جي پرڏيهي سيڙپڪاري ملي، جڏهن ته ملڪ جي سرڪاري شعبي کي فيبروري ۾ 51 ملين ڊالر جي پرڏيهي سيڙپڪاري ملي.اسٽيٽ بينڪ چيو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين 8 مهينن ۾ 704.1 ملين ڊالر جي پرڏيهي سيڙپڪاري ملي، جڏهن ته مالي سال 2025 جي پهرين 8 مهينن ۾ 1.58 ارب ڊالر جي پرڏيهي سيڙپڪاري ملي.اسٽيٽ بينڪ موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 8 مهينن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 44 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. ٻئي طرف، اسٽيٽ بينڪ اهو به چيو آهي ته ملڪ جي برآمدات جنوري 2026 جي مقابلي ۾ فيبروري 2026 ۾ 9.6 سيڪڙو گهٽجي وئي، مالي سال 2026 جي پهرين 8 مهينن لاءِ برآمدات 5.4 سيڪڙو گهٽجي 20.74 ارب ڊالر ٿي ويون. اسٽيٽ بينڪ موجب جنوري جي مقابلي ۾ فيبروري ۾ ٽيڪسٽائل جي برآمدات ۾ 7 سيڪڙو گهٽتائي آئي. اٺن مهينن دوران، ٽيڪسٽائل جي برآمدات 2.7 سيڪڙو وڌي 11.91 ارب ڊالر ٿي ويون.مالي سال جي پهرين 8 مهينن ۾، فوڊ گروپ جي برآمدات ۾ 32.5 سيڪڙو جي نمايان گهٽتائي ڏٺي وئي. 8 مهينن دوران ڪل چانورن جي برآمدات ۾ تقريبن 39.3 سيڪڙو گهٽتائي آئي، جڏهن ته جنوري جي مقابلي ۾ فيبروري ۾ آمريڪا ڏانهن برآمدات ۾ 9 سيڪڙو ۽ چين ڏانهن 14.2 سيڪڙو گهٽتائي آئي.وڌيڪ، مالي سال جي پهرين 8 مهينن ۾ چين ڏانهن برآمدات ۾ 23 سيڪڙو گهٽتائي آئي، جڏهن ته جولاءِ ۽ فيبروري جي وچ ۾ آمريڪا ڏانهن برآمدات ۾ 3.6 سيڪڙو اضافو ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو