8 فيبروري تي سنڌ جي شعور کي ووٽ ڏيڻ لاءِ نڪري پئو

8 فيبروري تي سنڌ جي شعور کي ووٽ ڏيڻ لاءِ نڪري پئو

احمد رضا عباسي
8 فيبروري 2024 تي پوري پاڪستان ۾ جنرل اليڪشن چونڊون ٿي رهيون آهن، هڪ طرف پوري ملڪ اندر سرديء خاص ڪري سنڌ ۾ سردي جا رڪارڊ قائم ٿي رهيا آهن ۽ صبح جو سوير توڙي شام ٿيڻ کان اڳ ئي ڪوهيڙي سبب وڌيڪ سيء سردي ڪر کڻي رهي آهي ته ٻئي پاسي وري بيٺل اميدوارن ۽ انهن جي حمايتن جون ڪوششون ڏسڻ وٽان آهن. ڇو نه تياريون هجن جڏهن پنهنجن عوام مان نڪتل ماڻهن جو انهيءَ ميدان ۾ مقابلو ٿئي ٿو ته پوءِ ضروري آهي ته اسان جي عوام مان به سڀ ماڻهو پنهنجون ڪوششون وٺي اڳتي اچڻ کپي. سنڌ جي مٿان قابض حڪمرانن مسلسل پنهنجي ڊاميننسي قائم ڪندي روايتي سستي ۽ هڪ هٽيءَ جو مظاهرو ڪندي عوامي ورڪر، انساني هڏڏوکي اميدوار اڳتي آڻڻ بجاءِ ڪاهل، بزدل، ڪانئر ۽ امپورٽيڊ قسم جا سياسي ماڻهو گهٽ پر بزنس مين ڪارو باري ماڻهو وڌيڪ آڻي ويتر ڀينگ ڪرڻ جي نئين طرح ريهرسل ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي مٿان قابض حڪمرانن کان ڪير پڇا ته ڪري ته “ توهان ڪهڙي منهن سان ووٽ سنڌ جي شعوري ماڻهن کان وٺڻ ويندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن پوري سنڌ جي مٿان خاص ڪري ڪراچي مٿان بحريه ٽائون جي نالي ۾ قبضا مافيائون جي سرواڻ ملڪ رياض خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ننڍن، وڏن، ٻارن ٻچن، مردن عورتن سميت ڪراچيءَ جي روڊن رستن تي نڪري پئي ته پوءِ حڪومت سنڌ ڪنهن کي راضي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سوين نوجوانن کي قيد و بند ڪري جيلن ۾ بند ڪرايو ۽ انهن بي گناهن مٿان 32، 32 ڪوڙا ، من گهڙت، بي بنياد ڪيس ڪري انهن کي اڃان تائين هر پندرهن ڏينهن ڪراچيءَ جي ڪورٽن جا پنڌ ڪرايا پيا وڃن ، اهڙي ناجائزي، ظلم، زيادتي، ڏاڍ، جبر تي سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ ڇو خاموش بڻيل آهن، جڏهن ته سالن جا سال حڪومت ڪندڙ پاڻ کي سنڌ جي عوام جي ترجمان ۽ نمائنده جماعت جي دعويدار به آهن، پر قابضه مافيائون خلاف نروار ٿيندڙ نوجوانن، پڪن، پوڙهن مردن عورتن کي عتاب جو شڪار بڻايو ويو، دنيا جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن جي مٿان هڪ ئي وقت 32 ڪيس نٿا لڳي سگهن پر هتي انڌيري نگري چرٻٽ راجا، پرامن ڌرڻي لڳائيندڙن، رستي ويندڙ مزدور پورهيت ماڻهن کي کنڀي کڻي پوليس انگ پورو ڪري مڙيئي سڙيئي سنڌ جي ماڻهن کي ٽارچر ڏيڻ لاءِ سانڀاهه ٿيندا رهن ٿا پر حڪمران جيڪا سنڌ جي عوام جي نمائندهه جماعت جي ڪوڙي دعويدار آهن انهن ڪجهه به سنڌ جي ماڻهن جي وارثي مالڪي نه ڪئي، هاڻي جنرل اليڪشن چونڊون ٿيڻ واريون آهن، بدقسمتي سان وري اسان جي ڳوٺن شهرن ۾ ناچ گاني وارا نچڻ جا هوشيار ڊرامائي ماڻهو ڪاهي پيا آهن ۽ پوءِ هڪ ئي ٽائيم تي هڪ طرف تعزيتون وصول ڪيون وڃن ٿيون ته وري اتي ئي وري نچڻ جا پروگرام ڪري ماڻهن کي بريانيءَ جي پليٽ ۾ مست بڻائي نون نون هڪ سئو ڳاڙهن نوٽن تي ماڻهن جي ايمان جو سودو ڪيو پيو وڃي . پر حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جي مافيائون ملڪ رياض توڙي ايان علي، ڊاڪٽر عاصم ۽ اهڙن ٻين کي ته تحفظ ڏيندڙ پنهنجن نوجوانن جي جيلن مان آزادي لاءِ يا انهن مٿان ڪوڙا ڪيس 32، 32 ختم ڪرائڻ لاءِ ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو آهي ، جتي به اهي ووٽ وٺڻ اچن ته اهو سوال ڪيو وڃي ته توهان جي قول ۽ فعل ۾ کليل تضاد آهي پهريان نوجوانن کي ڪوڙن، من گهڙت، جڙتو ۽ بي بنياد ڪيس مان نجات ڏياريو پوءِ توهان لاءِ…… ؟ ، هن ڀيري هڪ دلچسپ ڳالهه سامهون اها آئي آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ انجي شريڪ چيئرمين آصف زرداري سان سنڌ جون سڀئي سياسي، مذهبي، سماجي، قومپرست، پي ٽي آءِ، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس، تحريڪ لبيڪ پاڪستان، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سول سوسائٽي هڪ ٿي مقابلو ڪرڻ لاءِ 8 فيبروري تي شڪست ڏيڻ لاءِ ڏسجن ٿيون، جيڪڏهن اهڙي صورتحال آهي ته پ پ پ انهيءَ حالت ۾ پاڻ کي ڪيئن محفوظ بڻائي سگهندي؟، پيپلز پارٽي خلاف سنڌ جون سڀئي تنظيمون پارٽيون ۽ هر ٻيو ماڻهو اهو ڇا لاءِ سوچڻ تي مجبور ٿي ويو آهي ته پ پ پ بجاءِ هاڻي پ پ پ جي ڳڙهه لاڙڪاڻو ۾ ئي پ پ پ جي ڪٽر مخالفن يعني “لاڙڪاڻو عوامي اتحاد” گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي ڊي اي جي حمايت يافته اميدوارن کي ووٽ ڪيو وڃي. سنڌ جي اڪثر عوام جي اها سوچ بڻجي وئي آهي ته تير بجاءِ هاڻي انتخابي نشان ڪرين، انتخابي نشان ستارو ۽ ٻين انتخابي نشانن کي ووٽ ڪيو وڃي. سنڌ جا ماڻهو انهيءَ تير جي نشان کان ايڏا الرجڪ غصو ڇو کائڻ لڳا آهن ؟ ضرور انهيءَ پٺيان اهنجن، تڪليفن، دردن ۽ اذيت ڀري تاريخ سمايل آهي. انهن وزيرن جا رويا ووٽ ڏيندڙ سان وک وک تي غلامن وارو رويو روا رکڻ ۽ اسان جي ڌرتيءَ سان ٻه اکيائي ڪندڙ ماڻهو جيئن هن ڀيري به ڪامياب ٿين ٿا ته پوءِ سنڌ جي ماڻهن جي قسمت جي لاءِ ڇا چئي سگهجي ٿو؟ خدا تعاليٰ به انهيءَ قوم جي قسمت نه بدلائيندو آهي جيڪي پنهنجي قسمت بدلائڻ جا خواهشمند نه هجن. دعا سان گڏ دوا جي به ضرورت آهي جيڪي ڪرپٽ ماڻهن جي گرفتاريءَ تي سنڌ جي مٿان حملو قرار ڏين ۽ جڏهن سنڌ جا سرموڙ ڪونڌر پٽ جدا ڪيا وڃن انهن کي گولين جو کاڄ بڻائي چچريل لاشن ۽ سڙيل لاشن جي صورت ۾ سنڌ جي مائرن کي گهوٽ پٽن جا تحفا ڏنا وڃن ته اتي مسلسل اقتدار جي نشي ۾ مست رهندڙ وزير ۽ انهن جا وڪائو ماڻهو آواز ڇو نه ٿا اٿارين ۽ انهيءَ کليل بي حيائي ۽ بي شرميءَ کي سنڌ مٿان حملو ڇو ٿا قرار ڏين انهيءَ ايڏي وڏي ڳالهه تي انهن جا وات ڇو بند ٿي وڃن ٿا ؟ اڄ جڏهن چونڊن جو وقت آيو آهي ته انهن وزيرن کي وقت ڪيئن مليو آهي جو اهي اچي پنهنجن تڪن ۾ سالن جون تعزيتون ڪرڻ لاءِ وڏيون گاڏيون ڳوٺن ٻهراڙين ۾ به ڪاهي وڃڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا آهن ؟ اهي سنڌ ۾ ٻوڏ جي وقت ڪٿي هئا؟…. انهن وزيرن جو احتساب ڪرڻ جو هيءُ سونهري موقعو نه وڃائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته شهيد ڀٽو بينظير جي پيپلز پارٽيءَ جي سڃاڻپ جيڪڏهن باقي لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪئي آهي ته انهيءَ ۾ انهيءَ بينظير ڀٽو شهيد جي حقيقي جانثارن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور جي قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر محترمه بيگم اشرف عباسي ۽ انهيءَ جي اولاد ۾ اڳوڻو سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر حاجي منور علي عباسي ئي واحد اڳواڻ طور هر پيپلز پارٽيءَ جي ايونٽ تي اڳيان اڳيان ڏٺا ويا آهن.انهن تقريبن ۾ 4 اپريل تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت هجي يا 5 جنوري تي سالگرهه جي تقريب هجي ۽ وري شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه هجي يا 27 ڊسمبر شهادت هجي اهو ئي نه پر پيپلز پارٽيءَ جي يوم ياسيس سميت ،پيپلز پارٽيءَ جي موقعي تي پ پ پ جي سرگرمين ۾ جيڪڏهن غير جانبدار ٿي ڪري پ پ پ جا ڪارڪن ورڪر ئي تجزيو ڪن ته اهي اصل ڳالهه سمجهي ويندا ته پ پ پ جا جيڪي به وڏا ڏهاڙا ۽ تقريبون آهن اهي عباسي خاندان جي وليد هائوس تي ضرور ملهائڻ جا انتظام ڪيا ويندا آهن.جڏهن ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ٻيا به وڏا وڏا سياسي نالي جا اڳواڻ آهن جيڪي وزارتن هوندي به ڪنهن پارٽيءَ جي ايونٽ ملهائڻ لاءِ اڳتي نٿا ڏٺا وڃن.اهڙي پارٽيءَ لاءِ هر دور ۾ قرباني ڏيندڙ عباسي خاندان ۾ هڪ نوجوان قيادت طور اهم نالو نٿو وساري سگهجي جنهن ۾ اهي سياسي قيادت ۽ اڳواڻ واريون سموريون خوبيون سمايل آهن ۽ انهيءَ جو سمورو سياسي خاندان به انهيءَ نوجوان جي عوامي خدمت ڪرڻ واري عمل کي ساراهي ٿو انهيءَ نوجوان جو نالو معظم علي عباسي آهي جنهن جي پيدائش 10 ڊسمبر 1975ع آهي.والد جو نالو حاجي منور علي عباسي آهي ۽ هو هڪ تعليم يافته نوجوان سان گڏ هڪ سياسي ۽ برادرين جي وچ ۾ غلط فهمين کي دور ڪرڻ لاءِ انهن پري ٿيل ماڻهن برادرين کي پاڻ ۾ کير کنڊ ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي جنهن ڪري نه رڳو عباسي برادري پر سنڌ جون تقريبن سڀني برادرين جا ماڻهو انهيءَ نوجوان جي انهيءَ قدم کي بيحد ساراهيو ۽ واکاڻ ڪئي آهي.انهيءَ نوجوان گذريل جنرل اليڪشن 2013ع ۾ 32 هزار کان وڌيڪ ووٽ کنيا.جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته عباسي خاندان ۾ اهڙي نوجوان جي خوبين ۽ قيادت مان فائدو وٺڻ لاءِ هاڻي 8 فيبروري تي چونڊن ۾ پير سائين پاڳاري جي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي انتخابي نشان (ستاري ) کي ڀرپور ووٽ ڪري لاڙڪاڻي شهر ۾ پي ايس 11 تي بئريسٽر ڪاظم علي خان عباسي، پي ايس 12 باقراڻي لاڙڪاڻي تي معظم علي خان عباسي، اين اي 195 تي اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، ٻئي طرف خيرپور ميرس ۾ معظم علي خان عباسي اين اي 204 تي انهن کي ووٽ ڪري
ڪا عملي تبديلي آڻيو ۽ ڪوڙن آسرن، دلاسن، ٺڳين بجاءِ عمل جي ميدان ۾ هڪ ئي آواز ۽ هڪ ئي قيادت معظم علي عباسيءَ جي حمايت يافته ستاري نشان وارن کي ووٽ ڪيو وڃي.جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ ڪا به دغا، فريب ۽ ڪوڙو واعدو نه ٿيندو بلڪ سماجي سياسي دانشورانه سوچ مطابق لاڙڪاڻي جي عوام جي خدمت ڪرڻ جو جذبو سامهون ڏٺو ويندو.جنهن سان اسان جو شهر لاڙڪاڻو جيڪو کنڊرات ۾ تبديل آهي انهيءَ جي واهر ٿيڻ لڳندي ۽ لاڙڪاڻي شهر جون گهٽيون روڊ رستا جيڪي موئن جي دڙي جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن اهي ضرور پير سائين پاڳاري جي حمايت يافته اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ سان پئرس جي دعويٰ نٿي ڪري سگهجي پر گهٽ ۾ گهٽ لاڙڪاڻو شهر جي پراڻي حيثيت ته ضروري بحال ڪرائي سگهجي ٿي ۽ هن شهر جي شهرين جا بنيادي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا.جنهن ۾ بجلي، پاڻي، روڊ رستا،ڊرينيج سسٽم درست ڪرائڻ سميت ٻيا مسئلا حل ڪرائي سگجهن ٿا.لاڙڪاڻي جي واهر ڪرڻ لاءِ هڪ خودار انسان عملي سياست ڪندڙ نوجوان جي اشد ضرورت هئي جيڪا معظم علي عباسيءَ جي اچڻ سان پوري ٿي وئي آهي.هن ڀيري جنرل چونڊن ۾ سرگرمين ورڪ جي حوالي سان جيڪڏهن ڪا ڳالهه ڪجي ته پوءِ اها ڳالهه نٿي وساري سگهجي ته هيءُ نوجوان معظم علي عباسي آخر آرام ڪهڙو ٽائيم ڪري ٿو؟ جو هر وقت الائي ته ڪيترين جاين تي ورڪ ڪندي چونڊين جي سرگرمين وارن ميڙاڪن ۾ خاص ڪري خصوصي مهمان يا وري ڪافي هنڌن تي صدارت ڪندي تقريبن ميڙاڪن ۾ لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ميرس جو نوجوان طبقو خطاب تقرير ٻڌڻ لاءِ ضرور شريڪ ٿئي ٿو ۽ انهيءَ جو آواز ٻڌي اهو آواز پاڻ بڻجڻ ٿو چاهي، لاڙڪاڻي شهر جو توڙي خير پور ميرس جو عوام شعوري طور تي سگهارو ۽ مضبوط آهي اهو ڪنهن به طرح هڪ ڀيرو ستاري واري انتخابي نشان کي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ قائد شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي بنيادي پارٽي مخلص ۽ خير خواهه پارٽي اڳواڻن عباسي برادريءَ جي ڏنل پارٽي قربانين جي بنياد تي ضرور چونڊن ۾ هاڻي لاڙڪاڻو عوامي اتحاد ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي اميدوارن جيڪي لاڙڪاڻي شهر جي بهتري لاءِ سوچڻ لوچڻ ۽ پنهنجي علائقي کي سنوارڻ جو جذبو رکڻ جو عهد ڪري چڪا آهن. جيڪڏهن واقعي اسان کي پنهنجن شهرن جي ڪجهه تبديلي گهرجي ۽ شهرن کي به ڪجهه بنيادي حق ملڻ جو موقعو فراهم ڪرڻو آهي ته پوءِ عباسي خاندان جي مخلص قيادت ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ نوجوان قيادت معظم علي عباسي، ڪاظم علي خان عباسي کي ووٽ ڪرڻ لاءِ 8 فيبروري خميس ڏهاڙي هڪ منظم ۽ شعوري انداز ۾ هڪ دفعو ضرور آزمائڻ لاءِ نئين سياسي قيادت کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻو پوندو جنهن سان سنڌ جي شهرن وستي واهڻ جي تبديلي رونما ٿي سگهي ٿي.اسان گهڻن ميرن، پيرن، ڀوتارن ، رئيسن، سرمائيدارن ، جاگيردارن کي بار بار آزمايو آهي هڪ دفعو پنهنجي ئي نوجوان قيادت مان پنهنجا ئي هڏ ڏوکي ۽ همدرد چونڊڻا پوندا انهيءَ لاءِ ڪنهن به دڙڪي دهمان بجاءِ حقيقي عوامي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ گهرجي، اسان مان هر ماڻهو جو سڀني جو ووٽ وڏو قيمتي آهي جنهن سان اسان جي علائقن جي ترقياتي وابسته آهي انهيءَ لاءِ اسان کي پنهنجو ووٽ سمجهي سوچي ڪري اهڙن نمائندن کي ووٽ ڪرڻ کپي جيڪي اسان جي نمائندگيءَ جا حقيقي حقدار هجن نه ڪي سفارشي، دڙڪي، دهمان، ياري بادشاهي جي ڪري ووٽ کي اسان ضايع ڪري ڇڏيون.اسان کي هاڻي اجتماعي سوچ جو مظهر بڻجي ڪري پنهنجي سنڌ پنهنجي شهرن پنهنجن علائقن وستين واهڻن نگر نگر جي مالڪي ڪرڻ پنهنجن ماڻهن مان ئي مخلص، نيڪ نيت انساني همدرديءَ سان سرفراز ۽ منور اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ کپي.باقي جيڪڏهن اسان هاڻي به ڪنهن ڀوتار، مير، پير جي چو چواءَ ۾ اچي ساڳين ٿڪل ماڻهن کي ووٽ ڪيوسين ته پوءِ پنهنجي شهرن جي لاوارثيءَ ۾ اضافو ئي سمجهي سگهجي ٿو باقي خير جي اميد 15 سالن کان قابض رهندڙن مان ڪرڻ ٻبرن کان ٻير گهرڻ مثل آهي.سنڌ جو ماڻهو جيڪڏهن عوامي جمهوري تبديلي چاهي ٿو ته پوءِ نون نوجوانن کي ووٽ ڪرڻ لاءِ اڳتي اچڻو پوندو جنهن سان هن پنهنجي شهرن ڳوٺن وستين واهڻن جي ڪا بهتري اچي سگهي انهيءَ لاءِ 8 فيبروري جو ڏهاڙو وڏي اهميت رکي ٿو.انهيءَ ڏهاڙي تي عوام پنهنجي راءِ هڪ اجتماعي سوچ تي مبني ووٽ ذريعي ڪري ڏيکاري جنهن جو عوام ۽ جمهوريت پسند عوام کي شدت سان انتظار آهي. سنڌ شعوري طور اڳتي ڏسجي ٿو سن جي سائين سيد ذين شاهه، سيد منير حيدر شاهه، اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر قادر مگسي، لياقت ميراڻي، ايڊوڪيٽ سيد خليل احمد شاهه، قادر چانڊيو سميت ٻين سنڌ جي گهڻ گهرن سنڌ جي آواز پڙاڏي جي سنڌ توڙي قومي اسيمبلي جي ايوانن ۾ سخت کان سخت ترين ضرورت آهي. سنڌ جي عوام کي اليڪشن کان بعد هاء گهوڙا ڪرڻ بجاءِ ميدان ملهائڻ لاءِ سنڌ جي شعور بي داغ قيادت کي ووٽ ڏيڻ لاءِ 8 فيبروري تي سمورا ماڻهو نڪري نروار ٿيو. جهڙي طرح ڪراچي ۾ سائين سيد خليل احمد شاهه هر سنڌ واسي جي واهر ڪرڻ لاءِ اڳيان اڳيان آهي اهڙي طرح انهن اهڙن بهادر انسانن کي ايوانن ۾ قومي ٻڌي ايڪي اتحاد جو ثبوت ڏنو وڃي جيئن ٻين صوبن ۾ عوام رڪشي عام پيدل گهمڻ وارن کي اليڪشن ۾ ووٽ ڪري ايوانن ۾ موڪلين ٿا شال سنڌ جو عوام به معجزاتي طور تي جاڳي ڪائنر لاءِ ڪنڊو بڻجي مفاد پرست ماڻھن کي مات ڏيڻ لاءِ عملي طور ڪردار ادا ڪري ڏيکاري.

پهنجو تبصرو موڪليو