8 هزار سال اڳ انساني ڏندن مان ٺهيل قديمي زيور هٿ

استنبول (ويب ڊيسڪ) 8 هزار سال اڳ انسانن جي ڏندن مان ٺهيل قديمي زيور هٿ آيا آهن جيڪڏهن ان دريافت جي وضاحت آسان لفظن ۾ ڪئي وڃي ته ان جو اهو مطلب ٿيندو ته اڄ کان 8 هزار سال اڳ جڏهن پٿرن جو زمانو پنهنجي پڄاڻي تي پهچڻ وارو هيو ته انسان پنهنجي آرائش لاءِ جانورن جي هڏين ۽ ڏندن کان علاوهه انساني ڏندن کان به زيور ٺاهڻ شروع ڪيا جنهن کي شايد هن وقت شوق سان پايو وڃي ٿو. ترڪي ۾ ڪٿلهويوڪ نالي علائقي ۾ پٿر جي زماني جي هڪ انساني آبادي جا نشان هن مهل تائين موجود آهن جنهن مان اندازو آهي ته هتي 7800 کان 8300 سال پهرين ڪا انساني آبادي هتي رهندي هئي جيڪي اهڙيون شيون پائڻ جا وڏا شوقين هيا. ڪجهه سال پهرين انهيءَ آثار قديمه کان ماهرن کي انساني ڏند مليا هئا جيڪي پهرين سمجهيا ويا ته اهي انساني ڏند شايد ڪنهن لڙائي دوران ڪريا هجن پر اهڙا ڪي به آثار نه مليا. هاڻي ماهرين آثار قديمه جي هڪ عالمي ٽيم ان مان 3 ڏندن جو انتهائي ويجهڙو ۽ احتياط کان جائزو ورتو جنهن بعد انڪشاف ٿيو ته اهي ڏند اصل ۾ هزارين سا پهرين زيور جي طور پاتا ويندا هئا ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ڪيترائي سنها سوراخ منظم ۽ ترتيبوار انداز ۾ هيا جن کان ظاهر ٿي رهيو هو ته شايد انهن کي ڪنهن ٻوٽي کان حاصل ڪيل قدرتي ۽ باريڪ ڌاڳي سان سنبيو ويو هجي. انساني ڏندن کي بطور زيور ڇو استعمال ڪيو ويندو هو ان باري ۾ في الحال صرف اهو ئي مفروضو آهي ته شايد ان عمل جو مقصد پاڻ کي نمايان رکڻ ۽ پنهنجي وجود سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪرڻ هجي. اها ڳالهه ان ڪري قابل يقين آهي ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ 2010 ۾ اٽلي کان به اهڙي قسم جا انساني ڏند دريافت ڪيا ويا هئا جيڪي 6300 کان 7000 سال جا قديمي آهن. ان کان علاوهه پاڪستان ۾ بلوچستان جي علائقي مهر ڳڙهه کان به ان ڳالهه جا ثبوت ملي چڪا آهن ته هتي به اڄ کان 9000 هزار سال پهرين ڏند سازي جو آغاز ٿي چڪو هو. جيڪڏهن ان سڀني شاهدن کي گڏائي ڏٺو وڃي ته ترڪي ۾ اڄ کان 8000 هزار سال پهرين انساني ڏندن مان زيور ٺاهڻ جو عمل ڏاڍو عجيب ۽ غريب ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي پر ايترو اندازو ضرور لڳائي سگهجي ٿو ته اسان اڄ کان هزارين سال پهرين جي انسان جي صلاحيتن، قابليت ۽ ترقي کي صحيح طريقي سان سمجهي ناهيون سگهيا شايد اهي اسان جي خيالن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ترقي يافته هيا.

پهنجو تبصرو موڪليو