ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) هاڻوڪي گيلپ سروي ۾ چيو ويو آهي ته بزنس ڪميونٽي مهانگائي ۽ رپئي جي بي قدرتي سبب پريشآن ۽ سخت حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي تفصيل موجب گيلپ پاڪستان 2023 جي پهرين ٽه ماهي لاءِ گئلپ بزنس ڪانفيڊنس انڊيڪس جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن سروي جي نتيجن مطابق بزنس ڪميونٽي مهانگائي ۽ رپئي جي بي قدرتي جي ڪري انتهائي حد تائين مايوسي جوشڪار آهي گيلپ سروي مطابق سنڌ، ڪي پي ڪي جا اٽڪل 70 ۽ پنجاب جا 64 سيڪڙو ڪاروباري ادارا سخت حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن 90 سيڪڙو ڪاروباري ادارن مطابق ملڪ غلط رخ ۾ وڃي رهيو آهي تاريخي مهانگائي واهپيدارن جي خريد ڪرڻ واري سگهه گهٽائي ڇڏي آهي بزنس ڪميونٽي سياسي نظام ۾ استحڪام جو مڪمل فقدان، 66 سيڪڙو ڪاروباري ادارن کي خراب يا خراب هالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سروي مطابق 38 سيڪرو ڪاروباري ادارن کي توقع آهي ته شيون بهتر ٿينديون 38 سيڪڙو ادارن افرادي قوت ۾ گهٽتائي ڪئي آهي جڏهن ته 72 سيڪڙو ڪاروباري ادارا پاڪستان جي امڪاني ڊفالٽ سبب پريشان آهن.










