مٽياري/نصير آباد: (ن س) جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي پنجاب طرفان سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاء زمينون ڏيڻ خلاف نيشنل ھاء وي تي کيبر وٽ انڊس ھاء وي تي نصير آباد وٽ ڌرڻا روڊ بلاڪ درياھ بچائڻ لاء جھدوجھد جاري رکڻ جو عزم ڌرڻي ۾ عورتن ٻارن ۽ قومي ڪارڪنن جي وڏي انگ ۾ شرڪت مٽياري ويجھو کيبر اسٽاپ وٽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو نواز شاهه ڀاڏائي پنھل جمالي ڪمال مھر پرويز چانڊئي جي اڳواڻي ۾ 5 ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي روڊ بند ڪيو ويو ٽريفڪ معطل ٿي وئي.درياھ تي ڌاڙي خلاف سخت نعريبازي ڌرڻي کي خطاب ڪندي محاذ سربراھ رياض علي چانڊيو چيو ته پاڻي تي 77 سالن کان ھر ڏينھن ھر پل پنجاب غير قانوني منصوبا جوڙي پنھجي طئـ ڪيل پاڻي معاھدن واري حصي کان وڌيڪ پاڻي کڻندو رھيو آھي 1945 وارو پاڻي ٺاھ ان جي توھين ڪندي سينازوري سان پاڻي قبضي ھيٺ ڪندو رھيو آھي ھو اسان جي سمنڊ ۽ دنيا جي ستون نمبر وڏي ڊيلٽا تي حملي آور ٿيو اڄ تي معاشي بربادي جا ڀيانڪ منظر نظر ٿا اچن لاڙ جا ٽي ضلع ٺٽو سجاول ۽ بدين تباھ ٿي چڪا آھن ۽ درياھ ۾ گھربل پاڻي نـ ڇڏڻ جي ڪري سنڌ جو جر زھريلو ٿيڻ شروع ٿيو آھي پنجاب اسان جي پاڻي تي نواز شريف جي زريعي پنھجي سياسي ۽ عسڪري طاقت استعمال ڪندي 91 جو پاڻي ٺاھ ڪرايو جنھن ٺاھ کي جبر جي زور تي ملڪ جي چئني اسيمبلين پاس ڪيو ان جي جدا قانوني حيثيت رکي وئي پر رياست تي ايندڙ ويندڙ سمورن حڪمرانن 34 سالن ۾ ان معاھدي تي عمل نـ ڪيو سنڌ کي حصي جو پاڻي نـ مليو نـ وري ڪوٽڙي کان ھيٺ فيصلي مطابق درياھ وھي سگھيوھن چيو ته ڪوئلو پنجاب کي روشن پيو ڪري اسان جي گيس ۽ تيل بـ پنجاب جي 13 ڪروڙ ماڻھن جي بھتري تي خرچ ٿئي سمنڊ جي پيداوار بـ پنجاب حوالي تخت لاھور ھي اسان سان ورتاء جاري رکيو آھي سنڌ اسيمبلي جا گيدي ميمبر لالچ ۽ خوف جي ڪري سـنڌو درياھ ۽ سنڌ جي تباھي تي خاموش آھن جڏھن حڪمران وطن فروش ٿيندا آھن پارليامينٽ قبرستان بڻجندي آھي عوام جي مفادن تي ڌاڙا لڳندا آھن تڏھن اڄ ھي عوام روڊن تي اسيمبلي ھڻي غدار چونڊيل نمائندن کي رد ڪيو آھي اھڙي جعلي اسيمبلي کي اسين نٿا مڃون پيپلا ڀٽي جو لاش کپائي بينظير جو لاش کائي سنڌ جو وجود ڳڙڪائي تاريخ ۾ انسانيت جا ويري ۽ سنڌ جا دشمن ثابت ٿيا آھن رياض چانڊئي چيو تـ پنجاب آئيني دھشتگردي ٿو ڪري ھو پارليامينٽ ۽ عدليا چي طاقت پنھجي فائدي ۾ استعمال ڪري اسان جو درياھ وسيلا ۽ وطن ولاري رھيو آھي ھي جھدوجھد جي شروعات آھي ڪراچي کان اوٻاوڙي تائين درياھ بچائڻ لاء ڌرڻا ھڻنداسين جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي پاران 24 نومڀر تي ٽنڊي محمد خان ۾ احتجاجي مارچ ڪيو ويندو ان موقعي تي خطاب ڪندي محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي چيو ته ھتي جھموريت ناھي فاشزم آھي اسان جي قومي حقن تي راتاھو ھڻي اسان کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي پنجاب انسان ذات جو ويري ثابت ٿيو آھي اسان جو تاريخي درياھ ڏاڍ زريعي کسڻ جي سازش قبول ناھي ڌرڻي کي پنھل جمالي نظير شيخ ڊاڪٽر خوشحال ڪمال مھر ديدار جلباڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو










